اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڻي جو الارم وڄي ويو، تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پهچي ويو، واپڊا ذريعن موجب، تربيلا ڊيم ۾ استعمال لائق پاڻي جو ذخيرو صفر ٿي ويو آهي، ۽ ڊيم جو ڊيڊ ليول 1,402 فوٽ آهي، ٻئي طرف، منگلا ڊيم پڻ ڊيڊ ليول جي ويجهو آهي جتي پاڻي جي سطح 1054 فوٽ آهي، واپڊا ذريعن موجب منگلا ڊيم جو ڊيڊ ليول 1050 فوٽ آهي،منگلا ڊيم جي استعمال لائق پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش 77,000 ايڪڙ فوٽ آهي.










