راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي تربت جي علائقي گشکور ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ڳجهي اطلاع تي ڪيو ويو ته جيئن دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا.جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو.دهشتگردن جي فرار ٿيڻ جا رستا بلاڪ ڪري ناڪابندي ڪئي وئي، مسلسل نگراني ۽ انٽيليجنس ذريعي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪئي وئي، سڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن هيلي ڪاپٽرن ذريعي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر چيو ته فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.










