لاهور(اسپيشل رپورٽر)حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير رهندو يا تبديلي ايندي؟ پنجاب ۾ 20 صوبائي تڪن تي فيصلائتي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿي رهي آهي اليڪشن ڪميشن موجب ننڍي چونڊ جي دنگل ۾ 175 اُميدوار ميدان تي لٿل آهن اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سيڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگيءَ ۾ سامان پهچايو پيو وڃي، سڀاڻي پوليس پولنگ اسٽيشنز تي مقرر هوندي رينجرز تڪ تي گشت ڪندي ۽ فوج اسٽينڊ باءِ جي پوزيشن تي هوندي، 3 هزار 131 پولنگ اسٽيشنز مان 876 انتهائي حساس ۽ 11 سئو 4 حساس قرار ڏنيون ويون آهن پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور ۽ مقبول گُجر جي پنجاب ۾ داخلا تي 18 جولاءِ تائين پابندي لڳائي وئي آهي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي پنجاب ۾ داخلا تي پابندي ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته علي امين گنڊاپور سڄي زندگي پنجاب ۾ گُـذارِي، سندس داخلا تي پابندي بُنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي ھن چيو تھ راڻا ثناءُ الله ۽ عطاء تارڙ پنجاب جي امن لاءِ اصل خطرو آهن، اهي ٻئي چونڊن ۾ انتظامي مداخلت ڪري ماحول خراب ڪن ٿا










