لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي اڄ جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.لکت واري اجازت ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ رضاڪار ضلعي انتظاميا سان مڪمل تعاون ڪندا، عدليه ۽ ادارن خلاف تقريرن جي اجازت نه ڏني ويندي.اجازت نامي موجب پي ٽي آءِ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان جي ذميوار هوندي. ڪاروباري مرڪز بند ڪري نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي.لکت واري اجازت ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مزدور، سمورا لاڳاپيل ماڻهو لٺ يا اهڙي ڪا ٻي شئي نه آڻيندا. ريلي شام 5:30 وڳي ختم ٿيندي.واضح رهي ته اعلان باوجود عمران خان آچر تي لاهور ۾ ريلي نه ڪڍي هئي. اڄ ريلي جو اعلان ڪيو ويو آهي.










