اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي ترجمانن کي جيلن مان هدايتون ملي رهيون آهن ته ملڪ کي نقصان پهچايو وڃي، معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏنو ويندو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سڌ سماءَ واري وزارت جا دروازا صحافين لاءِ کليل آهن، صحافين جي حقن لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندس،هن چيو ته بلوم برگ وزيراعظم جي معاشي پاليسين جو ذڪر ڪيو، وزيراعظم مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، وزيراعظم معيشت جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب عالمي سطح تي تجربيڪار اقتصاديات جو ماهر آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪجهه سياستدان پنهنجي سياست لاءِ رياست کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ڪنهن کي به معيشت کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، تحريڪ انصاف معيشت کي نقصان پهچائڻ لاءِ ناسور مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ يورپي يونين کان جي ايس پي پلس جو درجو واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪوڙي مهم ذريعي معيشت کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف کي خط لکي بزدلاڻو ڪم ڪيو، پي ٽي آءِ ترجمان کي جيل مان هدايتون ملي رهيون آهن ته ملڪ کي نقصان پهچايو وڃي.عطاءُ الله تربت جو چوڻ هو ته اڊيالا جيل ڀرسان تخريبڪاري جي اطلاعن تي ملاقاتن تي پابندي لڳائي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي جيل ۾ گهمڻ لاءِ 3 ڪمرا، باورچي خانه ۽ لنگهه ڏنو ويو آهي.










