تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ ملڪ خلاف سازش آهي:مري

تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ ملڪ خلاف سازش آهي:مري

سانگهڙ ( ن س) وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ ملڪ خلاف سازش آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن گرفتاريون پيش ڪرڻ بدران گاڏين ۾ ويهي فوٽو سيشن ڪري گرفتاريون ڏيکارن پيا.وفاقي وزير شازيا مري سول اسپتال سانگهڙ ۾ بينظير واڌ ويجهه سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي جرمنيءَ کان آيل وفد به ساڻس گڏ هو، هن جرمن وفد سان گڏ سول اسپتال جو دورو ڪري مريضن جي عيادت ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير شازيا مري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڪيترائي خاندان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، 90 لک ماڻهن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، پ پ پارٽي عوامي خدمتن تي يقين رکي ٿي، شهيدن جي فلسفي تي هلندي هن ملڪ کي خوشحالي طرف وٺي ويندا.هڪ سوال جي هن چيو ته عمران نيازي جي جيل ڀريو تحريڪ ناڪام ٿي چڪي آهي ھاڻي ضمانتون ڪرائن پيا، تحريڪ انصاف وارا ايم آر ڊي تحريڪ جيان جيلن ۾ وڃن ته پوءِ جيل ڀريو تحريڪ جي خبر پوندي.چونڊن بابت سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون، هن وقت ملڪ جون حالتون ڳنڀير آهن هي وقت سياست چمڪائڻ جو ناهي سڀني پارٽيون گڏجي ملڪ لاءِ سوچن.

پهنجو تبصرو موڪليو