اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،پاڪستان تحريڪ انصاف جو ترجمان موجب پاڪستان تحريڪ انصاف آپريشن جي نالي تي بيگناهه، پرامن ۽ محب وطن شهرين جي وحشياڻي قتل ۽ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن تي بربريت جي ننگا مظالم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل آهي ته شهيد ڪارڪنن جي وحشياڻي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي ۽ وزيراعظم، گهرو وزير ۽ اسلام آباد ۽ پنجاب جي انسپيڪٽر جنرلن خلاف قتل جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.مينڊيٽ چور فاشسٽن جي زور تي سرڪاري مشينري جي سڌي گولين سان درجنين بيگناهه ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو، جن مان هينئر تائين 8 جا تفصيل اسان وٽ اچي چڪا آهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان موجب شهيدن ۾ انيس شهزاد ستي، ملڪ مبين اورنگزيب، عبدالقادر، ملڪ صفدر علي، احمد ولي، محمد الياس ۽ عبدالرشيد شامل آهن، اسلام آباد جي روڊن تي پرامن مظاهرين تي گولين جي برسات ڪئي وئي ۽ سوين بيگناهه پاڪستاني زخمي ۽ رت ۾ ڳاڙها ٿي ويا،حڪومت جي بربريت ۽ راڄڌاني کي بيگناهه شهرين جي موت جو بسترو بڻائڻ واري حڪومتي سازش کي نظر ۾ رکندي پرامن احتجاج في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي.سياسي ۽ ڪاروباري ڪميٽين ۾ حڪومت جي بربريت جي تفصيلن جو جائزو وٺڻ بعد ان کي باني چيئرمين عمران خان آڏو رکڻ ۽ سندس هدايتن جي روشني ۾ مستقبل جو ايڪشن پلان جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو.










