لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڄ لاهور ۾ ٿيندڙ ريلي سڀاڻي تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. عمران خان سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته قلم 14344 غير قانوني طور تي صرف ۽ صرف پي ٽي آءِ جي چونڊ مهم تي لڳائي وئي آهي. جڏهن ته لاهور ۾ ٻيون سموريون عوامي سرگرميون جاري آهن. عمران خان چيو ته صرف زمان پارڪ کي ڪنٽينر ۽ پوليس جي وڏي نفري گهيرو ڪري رکيو آهي. هن چيو ته جڏهن چونڊ شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي ته پوءِ چونڊ سرگرمين تي قلم 144 ڪيئن لڳائي سگهجي ٿي. مان سمورن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کان درخواست ڪريان ٿو ته هو هن ڄار ۾ نه ڦاسن، اسان ان لاءِ ريلي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي ان کان اڳ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو ته اسان جي عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سندس حڪم موجب اڄ اعلانيل ريلي کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا. حماد اظهر چيو ته ريلي سڀاڻي يا بعد ۾ به ٿي سگهي ٿي. اسان پرامن چونڊون ۽ پرامن اقتدار چاهيون ٿا. شهر جي روڊ رستن کي کوليو وڃي. هن چيو ته اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي اسان آئين ۽ قانون جو رستو ناهي ڇڏيو.زمان پارڪ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته قلم 144 جو لاڳو صرف تحريڪ انصاف جي لاءِ آهي هي فساد چاهين ٿا ،اسان پرامن چونڊون چاهيون ٿا، هي رتو ڇاڻ چاهين ٿا ۽ اسان پرامن ريلي ڪڍڻ چاهيون ٿا. اسان هميشه صبر کان ڪم ورتو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اڄوڪي ريلي سڀاڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل سبب قلم 144 لاڳو ڪيو آهي. اسان هن وقت واپس وڃي رهيا آهيون پر رات جو ٻيهر جمع ٿينداسين.










