تازن ڇاپن دوران هٿ آيل  زندگي بچائيندڙ دوائون جعلي هجڻ جو انڪشاف

تازن ڇاپن دوران هٿ آيل زندگي بچائيندڙ دوائون جعلي هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ تازن ڇاپن دوران برآمد ڪيل زندگي بچائڻ واريون سموريون دوائون جعلي نڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. صحت کاتي جي اختيارين موجب ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري سنڌ ۾ ٽيسٽ لاءِ آيل هڪ دوا به اصلي نه هئي، ڪجهه اينٽي بائيوٽڪ دوائون ۾ ڪيلشيئم ڪاربونيٽ يا چاڪ مليل هو.ڊرگ ليبارٽري سنڌ چيف عدنان رضوي ٻڌايو ته ڪجهه دوائن ۾ گهٽ درجي جي ٻي اينٽي بائيوٽڪ جو ڪچو مال هو.اختيارين موجب سنڌ ۾ ڇاپن دوران هٿ آيل نفسياتي ۽ دماغي مرضن جون دوائون به جعلي نڪتيون.اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ جعلي دوائون ٺاهڻ جو ڪاروبار زور پڪڙي ويو آهي، ڪراچي جي مختلف علائقن، پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۽ خيبر پختونخواهه ۾ به جعلي دوائون ٺهي رهيون آهن.اختيارين موجب سنڌ ۾ گذريل هڪ سال کان صوبائي ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ جو اجلاس ناهي ٿيو، ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ جو اجلاس نه ٿيڻ سبب جعلي دوائون جو ڪو ڪيس ڊرگ ڪورٽ نه ويو.فارماسسٽ ايسوسيئيشن دعويٰ ڪئي آهي ته ڊرگ انسپيڪٽر رڳو غير رجسٽرڊ دوائون برآمد ڪندا رهندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو