ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڀرتي جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن تحت 93 هزار کان وڌيڪ پرائمري اسڪول ٽيچرز (PST) ۽ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز (JEST) کي ڀرتي ڪيو ويو. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪامياب اميدوارن کي واڌايون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته تعليم کاتي جو حصو بڻجندڙ نوان استاد ايمانداري ۽ جذبي سان پنهنجون ذميواريون نڀائيندا. هن چيو ته ڀرتين کان پوءِ ايندڙ مرحلو استادن جي پروفيشنل تربيت جو هوندو ته جيئن تدريسي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. سردار علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جي رهنمائي، سنڌ حڪومت جي سنجيده قدمن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي ڪوششن سان ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اعتماد سان هاڻ سنڌ جي اسڪولن ۾ قابل ۽ اهل استاد موجود آهن. هن چيو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي استادن جي ڀرتي واري مرحلي دوران 93,118 استادن کي آفر ليٽر جاري ڪيا ويا. ٽئين ڌر جي ٽيسٽ ذريعي ميرٽ تي 65,147 پرائمري اسڪول ٽيچرز ۽ 27,701 جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز کي ڀرتي ڪيو ويو. ڀرتين ۾ 31,075 عورت استادن جي شموليت سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي پاليسين کي هٿي ملي آهي، جڏهن ته 1,330 خصوصي فرد ۽ 2,100 اقليتي اميدوار به استاد بڻيا آهن. صوبائي وزير چيو ته نوان مقرر ٿيندڙ استاد سنڌ جي 41,129 اسڪولن جو حصو بڻيا آهن. استادن جي ڀرتين جي نتيجي ۾ 5,000 کان وڌيڪ اسڪول ٻيهر فعال ٿيا آهن ۽ هاڻ ڪو به وائبل اسڪول استاد نه هئڻ سبب بند نه رهندو. سردار شاهه چيو ته ان تاريخي ڀرتي جا هاڪاري اثر جلد تعليم جي بهتري جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوان استاد پنهنجي پيشيوراڻين ذميوارين کي ايمانداريءَ سان نڀائيندا. “اهي استاد نه رڳو پنهنجي ذاتي ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن، پر سنڌ جي هزارين ٻارن جي مستقبل جي ضمانت به آهن. هن چيو ته استاد ٻارن ۾ اعتماد، سکڻ جي دلچسپي پيدا ڪن ۽ انهن جي ڪردار سازي ۾ به رهنمائي ڪن، ڇو ته محنت، وقت جي پابندي ۽ ڪلاس روم ۾ ڌيان سان ئي اسڪولن جو ماحول تبديل ڪري سگهجي ٿو. تعليم واري وزير چيو ته تعليم کاتي جي انساني وسيلن ۾ واڌ خوش آئيند آهي. هن تفصيل ڏيندي چيو ته مارچ 2021ع ۾ ٽئين ڌر جي طريقيڪار تحت IBA سکر ذريعي نوڪري جو اشتهار جاري ڪيو ويو، جنهن جا ٽيسٽ سيپٽمبر 2021ع ۾ ورتا ويا. هن ڊويزن وائيز انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته ڪراچي ڊويزن: 7,444 PST ۽ 5,643 JEST، حيدرآباد ڊويزن: 17,075 PST ۽ 6,904 JEST، سکر ڊويزن: 11,619 PST ۽ 4,183 JEST، لاڙڪاڻو ڊويزن: 11,145 PST ۽ 4,034 JEST، ميرپورخاص ڊويزن: 7,513 PST ۽ 2,916 JEST جڏهن ته شهيد بينظيرآباد ڊويزن: 10,261 PST ۽ 4,020 JEST ڀرتي ٿيا. ڀرتين کان پوءِ هاڻ سنڌ ۾ شاگرد-استاد جو اوسط 34.59 ٿي ويو آهي، جنهن کي ايندڙ ڀرتي مرحلي ۾ وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته قابل استادن جي اچڻ سان اسڪولن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي ۽ شاگردن جي داخلا ۾ به اضافو ٿيو آهي. اها ڳالهه خوشي جي آهي ته نون ڀرتي ٿيل استادن ۾ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين اعليٰ تعليم يافته ماڻهن سميت تجربيڪار ماڻهو شامل آهن. ميرٽ ۽ شفافيت جي عمل سبب پٺتي پيل طبقي جي نوجوانن کي باعزت روزگار مليو آهي. هڪ ئي خاندان جي چار نياڻين جي ڪاميابي هڪ مثال بڻجي چڪي آهي. وزير تعليم چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل اسڪولن جي بحالي جو ڪم جاري آهي. ڪجهه علائقن ۾ استادن کي سهولتن جي کوٽ جي حوالي سان چئلينج درپيش آهن، جن کي حل ڪرڻ جي ڪوششون جاري آهن. اُنهن استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي جيڪي مشڪلين باوجود ذميواريون نڀائي رهيا آهن. سردار شاهه يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت استادن سان گڏ آهي ۽ بهتر تربيت ۽ سهولتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني پئي وڃي ته جيئن استاد سڪون ۽ اعتماد سان پنهنجون ذميواريون نڀائي سگهن ۽ تعليمي ميدان ۾ مثبت تبديلي اچي.










