تاريخ ڀٽو شهيد جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏنو آهي: زرداري

تاريخ ڀٽو شهيد جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏنو آهي: زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته تاريخ ذوالفقار ڀٽو شهيد جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏنو آهي.هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته صدارتي ريفرنس 10 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جو انتظار ڪري رهيو آهي، 10 سال گذرڻ باوجود سپريم ڪورٽ اڃا تائين راءِ ناهي ڏني.هن چيو ته پاڪستان ۽ 1973ع جو آئين ذوالفقار علي ڀٽي جي امانت آهي، هو پاڪستان ۽ آئين جي سلامتي لاءِ ڪنهن به قرباني کان دریغ نه ڪندا.آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته ذوالفقار ڀٽو شهيد جي ڦاهي کي تاريخ عدالتي قتل سڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو