” تاريخ جي ڍنڍ ۾ ڪنول” جي مھورتي تقريب

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) ايوان صحافت بدين ۾ نامياري تاريخدان، صحافي، شاعر ۽ اديب  الھبچايو راھوڪڙو پاران تاريخ تي لکيل ڪتاب ” تاريخ جي ڍنڍ ۾ ڪنول” جي مھورت واري ڪوٺايل تقريب ۾ صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي جي باختيار اداري جي چئيرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيو ته الھبچايو راھوڪڙو جو ھي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو تجزيو آهي ھن ڪتاب ۾ شامل مختلف موضوعن تي ليک ۾ ڪمال جي تحقيق ٿيل آهي ھن چيو ته غلام قومن جي تاريخ صرف سنڌ ۾ لکي وئي آهي ۽ سچي لکيل تاريخ ۽ ان جي لکارين کي سدائين ختم ڪيو ويو آهي الھبچايو ھن ڪتاب ۾ ننڍڙن ماڻهن جي سچي تاريخ لکي آهي اسان جي ليکڪن کي سنڌ جي لڪليل تاريخ تي لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ گھرجي الھبچايو ھن ڪتاب ۾ تاريخ جي گم ٿيل ڪردارن تان دز لاھي چٽو ڪيو آهي ـ صاحب ڪتاب الھبچايو راھوڪڙو چيو ته مون تاريخ جي لڪيل ڪردارن تان دز لاھي انهن کي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ھن چيو ته تاريخ رڳو حاڪمن جي تذڪري تي مشتمل نه ھوندي پر تاريخ ننڍڙن ماڻهن جي ادا ڪيل ڪردارن جي به ٿيندي آهي ھن چيو ته ھن وقت جديد دور ۾ تاريخ نويسي کان بھتر آهي ته ان جو تجزيو پيش ڪيو وڃي ـ مھمان خاص طور تي پروفيسر عبدالله ملاح ڳالھائيندي چيو ته اسان سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جا وارث آھيون جڏهن اسان پنهنجي سنڌ جي تاريخ جي وارثي ڇڏي ڏني ته اسان ختم ٿي وينداسين ھن چيو ته تاريخ ٻن قسمن جي ٿيندي آهي ھڪ حڪمرانن جي ٻي غريب پورھيت ماڻهن جي الھبچايو جي لکڻين ۾ ساڱري جي سڪل درياء جي واري جا دڙا به آهن ته سنڌو جي لھرن جا لوڏا به نظر اچن ٿا پاڻي ماھر انجنئير اوڀايو خان خشڪ چيو ته دنيا ۾ ڪوئلي تي ماحولياتي اثرن سبب اوپن پٽ ڪوئلي جا پروجيڪٽ بند ڪيا پيا وڃن پر اسان وٽ ابتي ڪار آهي الھبچايو راھوڪڙو ڪوئلي جي تاريخ لکي ان جا مثبت ۽ منفي پھلو پڻ چٽا ڪيا آهن پروفيسر طفيل احمد چانڊيو چيو ته ڪتاب ۾ سھڻي ٻولي استمال ٿيل آهن جيڪا نوجوانن کي پڙھڻ لاء ڪشش پيدا ڪندي تقريب کي انور علي عباسي، پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ‚ عثمان راھوڪڙو، فراق ھاليپوٽو، خاڪي جاني، شفيع دل‚ منظور آريسر‚ زاھد اسحاق سومرو‚ عبدالله ترڪ‚ ھارون گوپانگ، مير بليدي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو