دڙو (ن سنڌيار) دڙو لڳ لائقپور جا 15 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ تاريخي قبرستان، پرائمري اسڪول اڃا تائين مڪمل طور برساتي پاڻي ۾ ٻڏل، ڳوٺن ۾ رھندڙ ھزارين رھواسين جو شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل، ڳوٺاڻن جو انتظامي نااھلي خلاف سخت احتجاج، رپورٽ موجب دڙو لڳ يو سي لائقپور جي ڳوٺ پپو جھانگاڻي سميت 15 کان وڌيڪ مختلف ڳوٺ اڃا تائين مڪمل طور برساتي پاڻي ھيٺ آيل آھن، جڏھن تہ ڳوٺن ڏانھن ويندڙ سمورا لنڪ روڊ پاڻي ھيٺ اچڻ کانپوء ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو مڪمل طور تي ڪٽيل آھي، ڳوٺ جا قبرستان ۽ اسڪولن جون بلڊينگون مڪمل طور پاڻي ھيٺ آھن، ان سلسلي ۾ لائقپور جي ڳوٺ پپو جھانگاڻي ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن سان واسطو رکندڙ رھواسين پيرو مگسي، نادرمگسي، مبين مگسي، شير محمد مگسي، غفارمگسي، ڪليم ﷲ گگو ۽ ٻين سجاول ضلعي جي انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آھي، تہ حڪومتي ڌرين ۽ سجاول جي ضلعي انتظاميا يونين ڪائونسل لائقپور جي عوام کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو آھي، ڳوٺ پپو جھانگاڻي سميت ڀرپاسي جا 15 کان وڌيڪ ڳوٺ اڃا تائين برساتي پاڻي ھيٺ آيل آھن، ڳوٺ جو قديم قبرستان پريل شاھ بخاري ۽ ڳوٺن جي پرائمري اسڪولن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي، جنھن سبب گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين منھن ڪڍيو آھي، ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل آھي، انتظاميا ڪابہ پرگھور لھڻ لاء تيار ناھي، ھنن سنڌ حڪومت سجاول جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ حد جي چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪيو تہ لائقپور جي ڳوٺ پپو جھانگاڻي سميت ٻين ٻين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.










