اسلام آباد( بيورو رپورٽ) نيب جي چيئرمين جاويد اقبال ڪاروباري شخصيتن جا خدشا رد ڪندي چيو آهي ته نيب ڪنهن جي به ڪاروبار ۾ مداخلت نه ڪندي آهي ۽ نه ڪرڻ جو ارادو آهي. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس دورن ڪيو. هن ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي اهڙيون ڪاروباري سخصيتون آهن جن خط لکي نيب جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ اهي خط هن وٽ موجود آهن. هن ٻڌايو ته انهن مان هڪ شخص تعريفي خط لکڻ بعد آرمي چيف ۽ وزيراعظم سان ٿيل ملاقات ۾ نيب بابت خدشا به ظاهر ڪيا. هن ٻڌايو ته وزيراعظم جيڪا تاجرن کي خاطري ڪرائي هئي ان بابت 4 رڪني ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جنهن جي حيثيت مشاورتي هوندي، نيب جو ادارو ان جي ماتحت نه هوندو ۽ نه ئي ان آڏو جوابده هوندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل هفتي جڏهن هو لاهر چيمبر ۾ خطاب ڪري رهيو هو ته هڪ شخص چيو ته سعودي عرب وارا هڪ مهيني ۾ لٽيل دولت واپس ڪرائين ٿا اوهان ڇو نٿا ڪرايو ته مون کيس چيو هو ته سعودي ۾ بادشاهت آهي، پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون موجود آهي هر ادارو ان مطابق هلندو آهي ۽ سعودي جهڙو اختيار اسان کي ناهي. هن وڌيو چيو ته اهڙو اختيار هجي ته اسين به ٽن هفتن ۾ وصولي ڪري سگهو ٿا،










