بيجنگ (ويب ڊيسڪ)آمريڪا پاران تائيوان لاءِ هٿيارن جي پيڪيج جي منظوري تي ردعمل ڏيندي چين جو چوڻ آهي ته آمريڪا تائيوان کي هٿيارن جو پيڪيج منسوخ ڪري يا جوابي قدمن لاءِ تيار رهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ چيني سفارتخاني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿيارن جي پيڪيج سان آمريڪا ۽ چين لاڳاپا سخت خطري ۾ پئجي ويندا. ترجمان جو چوڻ آهي ته صورتحال جي روشني ۾ چين جائز ۽ ضروري جوابي قدم کڻندو.










