تائيوان جي دفاع واري وزارت جي تحقيقاتي يونٽ جو سربراهه هوٽل ۾ مئل مليو

تائيوان جي دفاع واري وزارت جي تحقيقاتي يونٽ جو سربراهه هوٽل ۾ مئل مليو

لنڊن(ويب ڊيسڪ)تائيوان جي دفاع واري وزارت جي ريسرچ ڊولپمينٽ يونٽ جو نائب سربراهه هڪ هوٽل ۾ مئل مليو.پرڏيهي خابرو اداري موجب تائيوان جي بچاءَ واري وزارت جي ريسرچ ڊولپمينٽ يونٽ جي ڊپٽي هيڊ او يونگ لي شنگ جو لاش اڄ صبح هوٽل جي ڪمري ۾ مليو.تائيوان جي سرڪاري ميڊيا موجب ريسرچ يونٽ جي نائب سربراهه کي دل جو دورو پيو ۽ هو ٻاهر وڃڻ جي قابل نه رهيو.ميڊيا رپورٽن موجب او يونگ لي شنگ تائيوان جي ڪيترن ئي ميزائل منصوبن جي نگراني ڪئي ۽ موت جي وقت ڏکڻ واري علائقي پنگٽنگ جو دورو ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو