بک ٿا مرون، 4 ٿاڻن جي زمين جو معاوضو ڏيو، متاثرن جواحتجاج

ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ) ڪاڇي جي مختلف شهرن جي ٿاڻن کي ڏنل زمينن جو حقدارن کي معاوضو ادا نه ٿي سگهيو,ويھ ورهين پهرين سنڌ سرڪار جي آرڊر تحت چوهٺ ايڪڙ زمين پوليس جي قبضي ۾ ڪري ٿاڻا اڏيا ويا,زمينون آباد ڪندڙ مالڪن جي دانهن جو اڃا تائين داد فرياد نه ٿي سگهيو. اڳوڻي وزير اعلي سيد عبدالله شاھ جي حُڪم تي سنڌ سرڪار ڊرگھ بالا,پٽ گل محمد,قصبو,واهي پانڌي ۾ تقريبن چوهٺ ايڪڙ آباد ٿيندڙ زمين علائقي جي آبادگارن کان کسي سرڪاري قبضي ۾ ورتي هئي جنهن تي چار ثاڻ جون عمارتون اڏيون ويون. 1995ع ڌاري ان وقت جي ايس ايس پي دادو شبير شيخ اهڙو حڪم ڏئي ورهين کان زمينن تي ويٺل  مالڪن کان زمين کسي پوليس کي قبضو ڏنو ويو,جتي مختلف ٿاڻن جي پوليس انتظاميه زمين کي غير آباد ٿيڻ کان بچڻ لاء بور هڻائي ٻه ٽي سال لکين رپين جو  فصل لاڳاپيل ٿاڻن جي  پوليس آفيسرن پڻ  هضم ڪيا, ۽ بيٺل هزارين رپين جا وڻ وڍرائي وڪرو ڪيا ويا. پوليس جي ضلعي آفيسرن تائين شڪايتون ڪيون عدالتن جو در کڙڪايو پر ڪجھ ڪين وريو,خالي دلاسن ۾ رکيو ويو. پريس ڪلب ڊرگھ بالا آڏو احتجاج دوران صحافين سان ڳالهائيندي زمينن جي مالڪن عثمان ڏاهري,صالح ڏاهري,گلڻ قمبراڻي,عرس قمبراڻي,صديق ڏاهري,سيد پيرل شاھ ۽ ٻين چيو ته اسين بک ٿا مرون خدا واسطي انصاف ڪريو ۽ زمينن جو معاوضو ڏيو. ھُنن بلاول ڀٽو، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ آء جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو