بکر (ويب ڊيسڪ)گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي بکر جي سينيئر سول جج آصف نياز جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت علي امين گنڊاپور کي غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.علي امين گنڊاپور کي غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس مان بري ٿيڻ بعد ٻئي ڪيس ۾ بھکر جي سول جج محمد وسيم جي عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. علي امين گنڊاپور جي وڪيل رفيق احمد نيازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علي امين گنڊاپور کي زبردستي غير قانوني هٿيار ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.هن چيو ته عدالت علي امين کي هٿيار ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي.










