اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اعليٰ آفيسرن جا نالا سڀاڻي بچاءَ واري وزارت ڏانهن ايندا. خواجا آصف چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ آرمي چيف جي مقرري ڪئي ويندي.هن چيو ته سينيئر آفيسرن جا نالا سڀاڻي بچاءَ واري وزارت وٽ ايندا، نالا وزيراعظم حوالي ڪنداسين ۽ هو فيصلو ڪندو.هن چيو ته اعليٰ فوجي آفيسرن جا نالا موڪلڻ جو استحقاق جي ايڇ ڪيو جو آهي، سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪا به ڇڪتاڻ ناهي.هن وڌيڪ چيو ته جنرل باجوه نواز شريف جو احترام ڪري ٿو.










