بپاشا ۽ ڪرن پنهنجي ڌيءَ جي تصوير جاري ڪري ڇڏي

بپاشا ۽ ڪرن پنهنجي ڌيءَ جي تصوير جاري ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور جوڙي بپاشا باسو ۽ ڪرن سنگهه گروور پهريون ڀيرو پنهنجي ڌيءَ جو چهرو دنيا کي ڏيکاريو ۽ هڪ تصوير شيئر ڪئي جيڪا هاڻ وائرل ٿي وئي آهي.ٻنهي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ سندن ڌيءَ ديوي مسڪرائي رهي آهي.اداڪار جوڙي پنهنجي ڌيءَ جو تعارف ڪرايو ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ”هيلو دنيا. مان هڪ ديوتا آهيان.ديوي جي تصوير تي ڀارتي ۽ پاڪستاني فنڪارن پاران تبصرن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته شوبز جي ڪيترن ئي شخصيتن ديوي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو