بٺي جي دونهين شهرين کي بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

پيرجوڳوٺ (صفي الله مڱڻيجو) برف ڪارخاني محلا وٽ سرن جا بٺا قائم ڪيا ويا آهن ۽ بٺن مان نڪرندڙ دونهين ڦهلجڻ سبب ڪيترائي شهري مختلف بيمارين  دم، کنگھ ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن جنهن ڪري شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن ڇو ته شام ٿيندي ئي بٺن مان نڪرندڙ دونهون گھرن ۽ دڪانن ۾ پکڙجي وڃي ٿو جنهن ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. شهر ۾ سرن جا بٺا قائم ڪرڻ توڙي وڏي آبادي سخت متاثر ٿيڻ بابت ضلع انتظاميه توڙي ٻين اختيارين ڪوبه قدم نه کنيو آهي اهڙي صورتحال ڪري ڪيترائي شهري ٻين شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. ان ڏس ۾ شهرين نديم علي، حبيب الله، مظفرحسين ۽ ٻين “روزانه سنڌ يارِ” سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوبه قانون نه آهي جو شهري آبادي ۾ سرن جا بٺا قائم ڪيا وڃن پر هتي بااثرن بٺا قائم ڪري وڏو ناحق ڪيو آهي خاص ڪري شهر جي ڇتي پور محلا، برف ڪارخاتو محلا، ڪچي آبادي ڪالوني سخت مٿاثر ٿي آهي لڳ ڀڳ 400 کان 500 ماڻهو ساهه، دم ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جيڪي اسپتالن ۾ پيل آهن. ٻئي طرف پيرڳوٺ شهر ۾ سرن جي بٺن ۽ نڪرندڙ دونهين سبب بيماريون ڦهلجڻ بابت ميونسپل ڪاميٽي پيرڳوٺ جي چيئرمين سيد نجيب الله شاهه راشدي جو چوڻ آهي ته شهر اندر بااثر ماڻهن سرن جا غير قانوني طور بٺا قائم ڪيا آهن جنهنڪري شهر جي وڏي آبادي سخت متاثر ٿي آهي ان سلسلي ۾ اختيارين کي لکت ۾ درخواست ڏني آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو