اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) وفاقي حڪومت بجلي 53 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. توانائي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي قيمت ۾ اها واڌ ايندڙ هڪ سال تائين ورتي ويندي، جنهن جي منظوري نيپرا ڏني آهي. معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ واڌاري جي نتيجي ۾ حڪومت کي هڪ سال ۾ 53 ارب روپيا اضافي حاصل ٿيندا. واضح رهي ته گذريل مهيني به فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي هيٺ بجلي 78 پيسا مهانگي ڪئي وئي.










