بي رحم شخص زال ۽ ٽن ڌيئرن جا ڳلا ڪپي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) ڪورنگي جي علائقي ۾ الفلاح ٿاڻي جي حد ۾ گهريلو جهڳڙي سبب 42 سالن جي فواد نالي شخص پنهنجي 40 سالن جي زال ۽ ٽن ڌيئرن کي ڳلا ڪپي خود ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڌيئرن جي عمر 16، 12 ۽ 10 سال آهي. هن گهر جي مٿئين پورشن ۾ در بند ڪري اها ڪاروائي ڪئي، سندس زال مزاحمت ڪئي سندس هٿن تي گهرا زخم آهن. نجي ڪمپني ۾ سيلزمين جي نوڪري ڪندڙ فواد جي حالت خطري ۾ آهي ۽ سندس بچڻ جو امڪان گهٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو