اسلام آباد (بيورو) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس ۾ چيئرمين نور عالم خان نيب جي نگران چيئرمين ظاهر شاهه کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته بي آر ٽي، بئنڪ آف خيبر، بلين ٽري سونامي ۽ مالم جبا ڪيس ٻيهر کولي رپورٽ ڏني وڃي.پي اي سي اجلاس ۾ اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي طلب ڪيو ويو هو پر هن پي اي سي کي خط لکي آگاهي ڏني ته عيد تي موڪلن تي گهر وڃي چڪو آهيان، تنهن ڪري پيش نه ٿي سگهندس، جڏهن ته اجلاس ۾ قائم مقام نيب چيئرمين ظاهر شاهه ڪميٽي سامهون پيش ٿيو.پي اي سي چيئرمين نور عالم خان چيو ته اسان اختيارن جو ان قدر ناجائز استعمال برداشت نٿا ڪري سگهون، دل ٿي چئي جاويد اقبال جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيان، ان شخص جو نالو به خراب ڪري ڇڏيو آهي.اجلاس ۾ ظاهر شاهه وڃڻ جي اجازت گهري، جنهن تي چيئرمين چيو ته توهان جو اجلاس ۾ ويهڻ ضروري آهي، توهان جي اداري جي ساک تي سوال اٿيا آهن، توهان ڪميٽي مان نٿا وڃي سگهو.هن پڇاڻو ڪيو ته بي آر ٽي ڪرپشن ريفرنس ڪاڏي ويو؟ بئنڪ آف خيبر جو ڇا ٿيو؟ بلين ٽري سونامي ڪاڏي ويو؟ مالم جبا جو ڇا ڪيوَ؟ جنهن تي ظاهر شاهه چيو ته جالم جبا ڪيس بند ٿي چڪو آهي.چيئرمين هدايتون جاري ڪندي چيو ته ان ڪيس کي ري اوپن ڪيو ۽ اسان کي رپورٽ ڏيو، ڪيتري وقت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي؟ جنهن تي نيب جي نگران چيئرمين چيو ته 6 مهينن ۾ رپورٽ ڏينداسين.نور عالم خان چيو توهان وٽ فائل تيار آهن، سالن کان اهي ڪيس پيل آهن، بلين ٽري ڪيس جو ڇا ٿيو؟ هاڻ ته ماڻهن وڻ ساڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڪميٽي انهن ڪيسن جي فوري طور جاچ جو حڪم ڏئي ٿي.










