اسلام آباد(بيورو)صدر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بورڊ ۾ ٻن نجي ميمبرز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي صدر عارف علوي ڊاڪٽر قيصر بنگالي ۽ محمد ياور عرفان کي بورڊ جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي صدر پاڪستان زرعي ريسرچ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام محمد جي ملازمت جي مُدي ۾ 3 مهينا واڌ جي به منظوري ڏئي ڇڏي اسسٽنٽ اٽارني جنرل لاهور خالد شفيق جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي










