بيگاري واهه کي گهارو، پاڻي ڳوٺن ۾ داخل، بيجارو لڙهي ويو

ميان صاحب (ن س) جهان واهه جي علائقي وڪڙي سان سومر ۽ اڱاري واري رات جو دير سان بيگاري ڪئنال کي ڳوٺ آغا جان اختر پٺاڻ وٽان 50 فوٽن جو گهارو پئجي ويو جنهن سبب ڪئنال کي لڳل گهاري بعد بيگاري جو پاڻي ڳوٺ امير چانڊيو، سائينداد کوسو ، غوث بخش کوسو ۽ ڀائي خان ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. جنهن سبب سوين علائقي واسي متاثر ٿيا جڏهن ته ڪئنال کي گهاري سبب تازو پوکيل سارين جو ٻيجارو پڻ لڙهي ويو جنهن ڪري علائقي جي آبادگارن جو لکين رپين جو نقصان ٿيو ڪئنال کي گهاري جو اطلاع آبپاشي کاتي جيڪب آباد کي ڪيو ويو پر آبپاشي کاتي وارا گهاري واري هنڌ 4 ڪلاڪن بعد پهتا جن ڪئنال ۾ پاڻي جي وهڪري کي بند ڪرائي گهارو بند ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو