بيواه عورت جو ڀائرن ۽ سوٽن تي زمين ڦٻائڻ جو الزام، احتجاج

مٽياري(رياض ڄانڊيو) ڳوٺ سونهارو کوسو جي رهائشي بيواه عورت مسمات ميرزادي کوسو پنهنجي گهر ڀاتين سميت ميڊيا هائوس تي دانهيندي چيو آهي ته مون کي پنهنجي والد جي ملڪيت مان 14 گهنٽا زرعي زمين ملي جيڪا منهنجا ڀائر احد کوسو، شوڪت، شير علي، حافظ کوسو ۽ سوٽ خادم کوسو ڦٻائڻ  لاء مون کي مختلف هيلن بهانن سان تنگ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته منهنجا ڀائر مونکي ڪوڙن ڪيسن جون ڌمڪيون ڏئي اسان کي پريشان ڪري ڳوٺ مان لڏائي منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. بيواه عورت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ منهنجي پٽن ۽ پوٽن تي منهنجي ڀائرن پاران اگر ڪو ڪيس داخل ٿئي ته ان کي ڪوڙو سمجهي منهنجي ڀائرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ هي بيان رڪارڊ تي رکيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو