سيٺارجا(سجاد علي ڪٻر) ٺري ميرواهه جي عدالت پينشن جا پئسا کائڻ تي يوسي چيئرمين کي هٿڪڙيون لڳرائي ٻن ڪلاڪن تائين جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏيو. يوسي چيئرمين عثمان ويسر کي بيواه عورت کي ماهوار پنج هزار رُوپيا قسط ڏئي ڦٻايل پئسا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ مسمات شبانه سنجراڻي جي درخواست تي حڪم جاري ڪيو. جنهن ۾ هُن موقف اختيار ڪيو هو ته سندس مڙس غلام محمد سنجراڻي جي پينشن جا پئسا هڪ لک 83 هزار رُوپيا هئا، جِن مان کيس 60 هزار رُوپيا ڏنا ويا آهن باقي پئسا يوسي ميهر ويسر جو چيئرمين ۽ يوسي سيڪريٽري کائي ويا. ٻڌڻي دوران يوسي ميهر ويسر جو چيئرمين عثمان ويسر به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پئسا هڙپ ڪرڻ جي حوالي سان پُڇاڻي تي هو عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو. عدالت يوسي چيئرمين کي هٿڪڙيون لڳائي ٻن ڪلاڪن تائين جيل ۾ بند ڪرڻ جو ڪم ڏنو. پوليس ٻن ڪلاڪن تائين جيل ۾ بند ڪرڻ کانپوءِ يوسي چيئرمين عثمان ويسر کي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو.عدالت يوسي ميهر ويسر جو اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي يوسي چيئرمين کي حڪم ڏنو ته هو بيواه عورت کي هر مهيني پنج پنج هزار رُوپيا ادا ڪري ڦٻايل پئسا واپس ڪندو.
آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر تبديل، نوٽيفڪيشن جاري
بائيڊن جو شهباز کي خط،نيڪ خواهشن جو اظهار
ٻن مٿن ۽ هڪ جسم وارين ڇوڪرين جي شادي ٿي وئي
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
اين اي 207 تان آصفه ڀٽو بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب