سکر (جيرام داس ) سکر پوليس عورتون خريد ڪري وڪرو ڪندڙ بين الصوبائي هيومن سمگلرز گروهه جا 3 جوابدار گرفتار ڪري ٽن عورتن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪري ٽن عورتن مصباح، شبانا ۽ سلمه کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ڏوهارين جي سڃاڻپ ستار، پيرل ۽ رزاق جي نالن سان ٿي آهي، جوابدارن جي قبضي مان ڪار پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب جوابدر پنجاب مان عورتن کي سستي اگهه تي خريد ڪري سنڌ ۾اچي کين وڪرو ڪرڻ جي ڪاروبار ۾ملوث آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جهانگڙو ويجهو عورتن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ سندن ٻولي لڳائي پئي وئي ته پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي کين بازياب ڪرائي ورتو.










