اسلام ڪوٽ (صادق بجير) مختلف ڳوٺن سرنگهو، حاجي جي ڍاڻي، مٺڙيو سومرا جي رهواسين بچل وسائيپوٽو، ڀورو ميگهواڙ، سومار ميگهواڙ، جوڌو ميگهواڙ، پرڀو ميگهواڙ، بصرمل، اُتم ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته ڏُڪاري حالتن دوران سيڪريٽري سنڌ طرفان قرض جي قسطن جي وصولي معطل ڪئي هئي پر هيل ڪجھه وسڪارو ٿيو آهي اسان فصل پوکيو هو جيڪو اڃان تائين لٿو ناهي ٻيو فصل ماڪڙن کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي پر سنڌ بئنڪ ۽ ٿرديپ وارن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اسان وٽ روزاني قسطون وصول ڪرڻ اچن ٿا ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا ته پئسا ڏيو نه ته سُٺو ڪونه ٿيندو،پر اسان وٽ پئسا نه آهن ٻنين ۾ قابو آهيون،وياجين زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي سنڌ حڪومت ڪوبه نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو اُنهي جي باوجود اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي. اسين مطالبو ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي اسان کي هنن کان بچايو وڃي.










