ليکڪ: حزيما بخاري
“اسان ننڍي عمر ۾ ئي اهو سکيو هو ته عورتن جي موقعن کي محدود ڪندڙ اسان جي مذهب پاڻ نه، پر مذهب بابت مردن جي تشريح هئي. حقيقت ۾ اسلام پنهنجي شروعات کان ئي عورتن بابت ڪافي ترقي پسند رهيو آهي.”—بينظير ڀٽو، پاڪستان جي 11هين ۽ 13هين وزيراعظم، جن کي 27 ڊسمبر 2007ع تي شهيد ڪيو ويو.
اوڀر اها ڌرتي آهي جتان هر ڏينهن سج اڀري ٿو، دنيا کي نئين صبح، نئين اميد ۽ زندگيءَ کي نئون مطلب ڏئي ٿو. پر افسوس، هتي جنم وٺندڙ اڪثر ڌيئرن لاءِ هر سحر سخت آزمائشن جو پيغام کڻي اچي ٿي، جن سان کين سڄي عمر مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. ڪيترين لاءِ ان جو مطلب آهي تعليم کان محرومي، معاشي آزاديءَ جي کوٽ، پنهنجي زندگيءَ جي اهم فيصلن ۾ ڪا به راءِ نه هئڻ، خاندان جي مردن جي مڪمل ماتحت زندگي، ۽ بنا موڪل جي بي لوث ۽ بنا ساراهه خدمت ڀري زندگي. سندن پيدائش گهٽ ئي ملهائي ويندي آهي، خاص طور تي جڏهن پُٽ جي اميد ڪئي وڃي.
اهڙي مايوس ڪندڙ صورتحال ۾ اهي عورتون، جيڪي سڀني رواجن کي للڪارين ٿيون، پنهنجي سرپرستن جي سهڪار سان اڳتي وڌن ٿيون ۽ باڪمال شخصيتن طور اڀرن ٿيون، سي مڪمل ساراهه جون حقدار آهن. هڪ نينگري يا نينگر جي پرورش، تعليم، تربيت ۽ کيس هڪ ڪامياب انسان بڻائڻ ۾ لڳندڙ وقت، توانائي ۽ محنت انمول آهي. علم حاصل ڪرڻ يا مهارتون سکڻ لاءِ انسان کي وڏي جدوجهد مان گذرڻو پوي ٿو. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت، بي خوابيءَ واريون راتيون، مالي قربانيون ۽ ٿڪائيندڙ سرگرميون شامل هونديون آهن، ۽ ان ۾ رڳو هڪ فرد نه، پر ڪڏهن ڪڏهن پورو گهر، استاد ۽ ادارا به شامل هوندا آهن. بي فڪريءَ واري زندگي گذارڻ، جتي انسان رڳو پنهنجي حيواني خواهشن جي پورائي ۽ ذهني ترقيءَ جي ڪا پرواهه نه ڪري، تمام آسان آهي؛ پر زندگي ڏکي آهي، شايد انهن لاءِ اڃا وڌيڪ ڏکي، جيڪي عورتون پاڻ کي بهتر بڻائڻ جي خواهش رکن ٿيون.
قاتلن يا دهشتگردن جي هٿان انساني زندگين جو وڃائڻ پاڻ ۾ ئي انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، پر جڏهن مارجي ويل شخص ذهين ۽ باڪمال هجي—جهڙوڪ ڪو دانشور، استاد يا سماجي ڪارڪن—ته سڄي قوم ناقابلِ تلافي نقصان ڀوڳي ٿي. جڏهن اهي ماڻهو، جن ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي صلاحيت هجي، ختم ڪيا وڃن ٿا، ته پٺيان رڳو منفيت ئي بچي ٿي.
عالم انسان جي ٿوري عبادت کي به الله تعاليٰ جاهل انسان جي ڊگهي عبادت کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي. علم جي اهميت اهڙي آهي، ۽ ڪنهن به انسان جو وڃائڻ—خاص طور تي عورت جو—سماج ۽ انساني معيار تي انتهائي خراب اثر وجهي سگهي ٿو.
بينظير ڀٽو اهڙي ئي هڪ باڪمال عورت هئي، جيڪا هڪ خوشحال پسمنظر مان آئي، جنهن کيس بهترين تعليمي ادارن تائين آسان رسائي ۽ اعليٰ رهنمائي مهيا ڪئي، ۽ هن شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو هو ته: “واضح آهي ته جديد سماج ۾ عورتن لاءِ زندگي آسان ناهي، ڀلي هو ڪٿي به رهن. اسان کي اڃا تائين پاڻ کي مردن برابر ثابت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي. اسان کي وڌيڪ ڪلاڪ ڪم ڪرڻا پون ٿا ۽ وڌيڪ قربانيون ڏيڻي پون ٿيون. ۽ اسان کي پاڻ کي ذهني طور انهن ناانصافين، ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍن ظالمانه حملن کان بچائڻو پوي ٿو، جيڪي اسان تي اسان جي خاندان جي مردن وسيلي ڪيا وڃن ٿا.”
ڪيترو نه افسوسناڪ هو سندس حامين لاءِ جو جڏهن سندن اڳواڻ پنهنجي عروج تي هئي ۽ سياسي ۽ نظرياتي مخالفن کي سڌي ريت منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار هئي، تڏهن کين سندس وڇوڙو سهڻو پيو.
1988ع ۾ پهرين عورت وزيراعظم بڻجڻ بعد، محترمه ڀٽو پاڪستان جي عورتن جي قسمت بدلائڻ جو عزم ڪيو. سندس لفظن ۾: “هڪ عورت اڳواڻ طور مون سمجهيو ته مان قيادت جو هڪ مختلف انداز کڻي آيس. مون عورتن جي مسئلن، آباديءَ جي واڌ کي گهٽائڻ ۾ دلچسپي ورتي… هڪ عورت طور، مان سياست ۾ هڪ اضافي پهلوءَ سان داخل ٿيس—ماءُ هجڻ جو.”
هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا هوءَ پنهنجي ٻن اڌورن وزيراعظمي دورن ۾ ملڪ جي عورتن جي تقدير بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿي؟ شايد ان حد تائين نه، جيتري هوءَ پاڻ چاهيندي هئي. نتيجي طور، پاڪستان جي آبادي ۾ زبردست واڌ ٿي، ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سماج جي عورت دشمن سوچ ۾ به گهڻي بهتري نه اچي سگهي.
ان جو هڪ سبب، جيئن خود بينظير ڀٽو نشاندهي ڪئي، مذهب بابت مردن جي تشريح آهي، جيڪا عورتن کي قيادت جي واڳ سنڀالڻ کان روڪي ٿي. جيتوڻيڪ بينظير ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻي، پر کيس انهن نام نهاد اسلام پسندن جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، جيڪي سندس سيڪيولر ۽ جديد ايجنڊا کان ناراض هئا. پوءِ جيڪو ٿيو، اهو تاريخ جو حصو آهي—هن کي جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي.
تنهن هوندي به، هن سڄي انتشار ڀري دور ۾ هڪ ڳالهه بيشڪ چئي سگهجي ٿي ته بينظير ڀٽو پاڻ اعليٰ تعليم، سياسي بصيرت ۽ پنهنجي منفرد تجربن مان حاصل ڪيل دانائيءَ جي مالڪه بڻجي اڀري.
هن جهڙي شخصيت جو وڃائڻ، ڄڻ ته قيمتي خزاني کي مٽيءَ ۾ ملائڻ برابر هو. ڪيترائي شايد کيس اڳواڻ طور قبول نه ڪن، پر ڪو به سندس علمي ڪاميابين کان انڪار نٿو ڪري سگهي. سندس حامين لاءِ اهو وڏو الميو هو جو جڏهن سندن اڳواڻ پنهنجي عروج تي هئي ۽ سياسي ۽ نظرياتي مخالفن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار هئي، تڏهن کين سندس وڇوڙو سهڻو پيو.
آڪٽوبر 2007ع ۾ سندس واپسي وڏي عزم ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائڻ جي نئين ارادي سان ٿي. پر افسوس، ڪجهه هفتن اندر ئي اهي سڀ خواهشون رڳو هڪ گوليءَ سان ٽٽي پيون، جنهن علم ۽ آگاهيءَ جي هڪ روشن مينار کي وسائي ڇڏيو ۽ سڀني کي حيرت ۽ صدمي ۾ وجهي ڇڏيو.
اهي به، جيڪي کيس ڪڏهن به قابل اڳواڻ نه سمجهندا هئا، حيران رهجي ويا؛ پر شايد سندس وڇوڙو اوڀر جي انهن ڌيئرن جي خوابن لاءِ سڀ کان وڏو ڌڪ هو، جيڪي صدين پراڻين روايتن جي زنجيرن مان آزادي لاءِ سندس ڏانهن ڏسنديون هيون، روايتون جيڪي کين انسان هئڻ جي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويٺيون هيون. انهن لاءِ بينظير اميد ۽ حوصلي جو سرچشمو هئي—هڪ اهڙي شخصيت، جنهن ۾ علم ۽ قيادت جون خوبيون گڏ هيون، جن تي ٿورا ئي مرد فخر ڪري سگهن ٿا. هر روز اهڙيون باصلاحيت شخصيتون ماءُ جي ڪُک مان جنم نٿيون وٺن.
الله تعاليٰ سندس روح کي هميشه لاءِ سڪون عطا فرمائي.(نوٽ هي مضمون فرائيڊي ٽائمز ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان اسين پيس ڪري رهيا آهيون. ادارو)










