بينظير ڀٽو برقعو پائي شادي جا انتظام ڏسڻ ڇو آئي؟

بينظير ڀٽو برقعو پائي شادي جا انتظام ڏسڻ ڇو آئي؟

18ڊسمبر 1987ع تي لياري جو’ڪڪري گرائونڊ‘ماڻهن سان ايترو ڀريل هو جو پير رک جي جاءِ نه هئي.ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين ماڻهو هتي پهتل هئا۔
ان ميڙ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي پيدل يا سائيڪلن تي هتي آيا هئا، ۽ هن ڏينهن کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن اڳ ئي ڪڪري گرائونڊ ۾ اچي ديرا ڄمائي ويٺا هئا۔
هزارين ماڻهن جو هي ميڙ شاديءَ جي هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪڪري گرائونڊ (لياري ڪراچي) پهتو هو، ۽ انهن مان گهڻن وٽ ته تقريب ۾ شرڪت لاءِ دعوت نامو به موجود نه هو، يعني اهي بنا سڏيل مهمان هئا۔
انهن بنا سڏيل مهمانن ۾ وڏو تعداد پاڪستان پيپلز پارٽي جي’جيالن‘ جو هو، جن جو چوڻ هو ته پنهنجي محبوب اڳواڻ بينظير ڀٽو جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ کين ڪنهن دعوت نامي جي ضرورت ئي ناهي!
اهو مارشل لا جو دور هو. جنرل ضياءَ جي حڪومت ۾ پيپلز پارٽي سرڪاري عتاب هيٺ هئي، ۽ انهيءَ ڪري هن شاديءَ جي تقريب کي سياسي اهميت به حاصل هئي۔ خود بينظير ڀٽو لاءِ به شادي ڪرڻ جو فيصلو آسان نه هو۔ ته پوءِ آخر اهو رشتو ڪيئن طئي ٿيو؟ آصف علي زرداري سان شاديءَ لاءِ بينظير ڀٽو ڪيئن راضي ٿي؟ اها پاڪستاني تاريخ جي هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي۔
پر ان کان اڳ اچو ته لياري ۾ 18 ڊسمبر تي ٿيل هن استقباليي جو تفصيل ڄاڻون، جتي مهمانن جو انگ بينظير ڀٽو جي اندازي کان ڪٿي وڌيڪ ٿي چڪو هو۔
برقعي ۾ بينظير ڀٽو ڪڪري گرائونڊ پهتي
بينظير ڀٽو پنهنجي سوانح عمري ’بينظير ڀٽو: ڊاٽر آف دي ايسٽ‘ (مشرق جي ڌيءَ) ۾ ان ڏينهن جو احوال هن ريت لکن ٿيون:
’نڪاح کان پوءِ اسان ٻه استقباليه رکيا، هڪ خاندان ۽ دوستن جي موجودگيءَ ۾ ڪراچي جي ڪلفٽن گارڊنز ۾، جڏهن ته ٻيو ڪجهه ڪلاڪن بعد پيپلز پارٽي جي ڳڙهه لياري جي مرڪز ۾ واقع ڪڪري گرائونڊ ۾۔‘
’اهو ئي ميدان هو، جتي هڪ عوامي سياستدان طور منهنجي والد (ذوالفقار علي ڀٽو) پهريون ڀيرو ماڻهن کي خطاب ڪيو هو، ۽ جتي 14 آگسٽ 1986ع تي حڪومت مخالف مظاهرن دوران پوليس جي هٿان پيپلز پارٽي جا ڇهه ڪارڪن شهيد ڪيا ويا هئا۔‘
بينظير ڀٽو لکيو آهي ته: ’تقريب کان هڪ رات اڳ مون تيارين جو پاڻ جائزو وٺڻ لاءِ برقعو پائي ڪڪري گرائونڊ جو رخ ڪيو۔‘
شاديءَ جي انتظامن جو احوال
بينظير ڀٽو لکيو آهي ته: ’هتي پنجاهه باءِ چاليهه فٽ جو مرڪزي اسٽيج ڪاٺ ۽ اٺ ٽن اسٽيل سان تيار ڪيو ويو هو۔ ان خدشي تحت ته حڪومت بجلي بند نه ڪري، اسٽينڊ باءِ جنريٽرن جو بندوبست به ڪيو ويو هو، ۽ ميدان جي چوڌاري ويهه وڏيون اسڪرينون لڳايون ويون هيون۔‘
’گهوٽ ۽ ڪنوار جي خاندانن لاءِ قالين وڇايل اسٽيج جي ٻنهي پاسن تي ڪرسيون رکيون ويون هيون، ۽ چوڌاري چمبيلي، گيندي ۽ گلاب جا گل لڳايا ويا هئا۔ منهنجي ۽ آصف (علي زرداري) جون ڪرسيون اسٽيج جي بلڪل وچ ۾ رکيل هيون۔ سجاوٽ لاءِ پيپلز پارٽي جي جهنڊي جهڙن ڳاڙهن، سائي ۽ اڇن رنگن واريون هزارين بتيون هر طرف لٽڪايون ويون هيون، ۽ اتي ئي منهنجي والد جي هڪ وڏي تصوير تي اسپاٽ لائيٽون چمڪي رهيون هيون۔‘
بينظير وڌيڪ لکن ٿيون ته ڪڪري گرائونڊ ۾ موجود لکين ماڻهن مان هزارين اهڙا مهمان هئا، جن وٽ دعوت نامو نه هو، ڇو ته لڳ ڀڳ 15 هزار دعوت ناما ئي پارٽي جي انهن حامين کي موڪليا ويا هئا، جيڪي مارشل لا جي سالن دوران قيد رهيا هئا، ۽ شهيدن جي خاندانن کي۔
’مون کي اميد هئي ته ڪڪري گرائونڊ ۾ هڪ لک تائين ماڻهو اچي ويندا، پر انگ ان کان لڳ ڀڳ ٻيڻو ٿي ويو۔ هزارين ماڻهو ته اڳ ئي اتي ديرا ڄمائي ويٺا هئا، جن مان ڪيترائي اندرونِ سنڌ مان پيدل يا سائيڪل تي آيا هئا۔‘
’پاڻ کي منهنجا ڀائر ۽ ڀينر سمجهي ايندڙ ماڻهن اهو محسوس ڪيو ته هن تقريب ۾ شرڪت لاءِ کين ڪنهن دعوت نامي جي ضرورت ناهي۔ اهي خانداني شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ واري روايتي سوچ سان آيا هئا۔ هر طرف دهلن ۽ شرناين جا آوازهئا، عورتون خوشيءَ ۾ ڳائي وڄائي رهيون هيون۔‘
آصف زرداري جي گهوڙي تي اچڻ جي ڌمڪي
هن عوامي استقباليي کان هڪ ڏينهن اڳ، يعني 17 ڊسمبر 1987ع تي، 70 ڪلفٽن ۾ نڪاح جي تقريب ٿي۔ ان کان پوءِ ڪلفٽن گارڊنز ۾ نجي استقباليي ۽ پوءِ ڪڪري گرائونڊ ۾ عوامي استقباليي ۾ شرڪت جو منصوبو هو۔
بينظير ڀٽو لکن ٿيون ته کين خدشو هو ته ڪٿي آصف زرداري واقعي پنهنجي دعويٰ مطابق گهوڙي تي سوار ٿي برات نه وٺي اچي۔
’70 ڪلفٽن تي آصف جا مائٽ برات جي صورت ۾ مهنديءَ جو هڪ ٿال کڻي آيا، جيڪو مور جي شڪل جو هو، ۽ ان تي مهنديءَ سان گڏ مور جا اصل پر به لڳل هئا۔ آصف باراتين جي وچ ۾ هلي رهيو هو، ۽ سندس ڀينرن سندس مٿي تي شال تاڻي هئي۔ مون کي وڏي تسلي ٿي ته هو پيدل آيو هو، ڇو ته هن ڌمڪي ڏني هئي ته هو پنهنجي پولو جي گهوڙي تي سوار ٿي ايندو۔‘
جيئن گهوٽ (آصف علي زرداري) کي مٿي تي چادر تاڻي اسٽيج تائين آندو ويو، تيئن ئي ڪنوار(بينظير ڀٽو) کي قرآنِ پاڪ جي نسخي جي ڇانوَ هيٺ پنهنجي جاءِ تائين آندو ويو۔ مشرقي شادين ۾ ايجاب و قبول وقت قاضي طرفان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ’قبول آهي؟‘ پڇڻ ۽ گهوٽ ڪنوارطرفان اوترا ئي ڀيرا جواب ڏيڻ عام ڳالهه آهي۔
’منظور آهي؟‘
بينظير ڀٽو لکن ٿيون: ’منهنجي هڪ ويجهي مائٽ آنٽي مون کي تيز هلڻ کان روڪيو ۽ آهستي چيو ته ڪنوار وقار سان آهستي هلنديون آهن۔ هوءَ منهنجي مٿي تي قرآنِ پاڪ جو نسخو جهلي بيٺي هئي۔ اسٽيج تي پهچي مون نظرون جهڪائي پنهنجي جاءِ سنڀالي۔‘
’ان دوران منهنجو ڪزن شاد مسڪرائيندي منهنجي ويجهو آيو۔ مون سوچيو ته مرداڻي ۾، جتي آصف موجود هو ۽ اسان جي خانداني مسجد جو مولوي نڪاح پڙهي رهيو هو، آخر ڇا ٿي رهيو هوندو؟ مون شاد کان پڇيو ته مردن کي اچڻ ۾ ايتري دير ڇو ٿي رهي آهي؟‘
’هن بنا جواب ڏنئي سنڌيءَ ۾ چيو: “منظور آهي؟” مون سمجهيو هو شايد مذاق ۾ پڇي رهيو آهي ته مان تيار آهيان يا نه۔ “آهي”، مون جواب ڏنو، ۽ وري پڇيم ته اهي ڪٿي آهن؟ هو رڳو مسڪرائيندو رهيو ۽ ٻه ڀيرا ٻيهر “منظور آهي؟” ورجايائين۔ مون به ساڳئي نموني چيو: “آهي، آهي”۔ مون کي اهو به احساس نه ٿيو ته تجسس جي عالم ۾، مرد گواهن طرفان ڪيل ٽن سوالن تي مان رضامندي ظاهر ڪري چڪي هيس، ۽ هاڻي مان هڪ شادي شده عورت هيس۔‘
شاديءَ کان پوءِ
نڪاح کان پوءِ بينظير ڀٽو، مسز آصف علي زرداري جي حيثيت سان، نجي استقباليي ۾ شرڪت لاءِ 70 ڪلفٽن کان ڪلفٽن گارڊنز رواني ٿي۔ ان ڏينهن ڪراچي ۾ جشن جو ماحول هو۔ هزارين ماڻهو گهوٽ ڪنوار جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بي تاب هئا۔
بينظير لکن ٿيون: ’70 ڪلفٽن کان ٻاهر ماڻهن جو ايترو وڏو ميڙ هو جو پيپلز پارٽي جي رضاڪار محافظن کي مهمانن لاءِ صرف هڪ بلاڪ پري واقع ڪلفٽن گارڊنز تائين رستو ٺاهڻ ۾ وڏي مشڪل پيش آئي۔‘
’اهڙيءَ طرح هڪ ڪلاڪ پوءِ جڏهن اسان ڪڪري گرائونڊ ۾ عوامي استقباليي لاءِ روانا ٿياسين، ته رستن تي به ماڻهن جو هجوم نظر آيو، جيڪي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪري رهيا هئا۔ گاڏين مان شاديءَ جا اهي گيت گونجي رهيا هئا، جيڪي اسان جي شاديءَ جي خوشيءَ ۾ اڳ ئي سڄي پاڪستان ۾ مشهور ٿي چڪا هئا۔ هر طرف پيپلز پارٽي جي جهنڊي جي رنگن واريون بتيون چمڪي رهيون هيون۔‘
بينظير ڀٽو اهڙن عوامي هجوم سان واقف هيون، پر آصف علي زرداري لاءِ اها صورتحال نئين ۽ ڪجهه پريشان ڪندڙ هئي۔
’آصف ان وقت پريشان نظر آيو، جڏهن سيڪيورٽي گارڊز ماڻهن کي زور ڏئي پجيرو گاڏي لاءِ رستو ڏيڻ جو چئي رهيا هئا۔ اهو پيپلز پارٽي لاءِ عوام جي محبت ۽ حمايت جو آصف لاءِ پهريون ذائقو هو۔‘
’هاڻي ضياءَ چونڊون نه ڪرائيندو‘
هڪ پاسي 70 ڪلفٽن ۾ مٺائيءَ جا سوين دٻا تيار ڪيا ويا، ته ٻئي پاسي لياري ۾ به ڪيترن ڏينهن کان پيپلز پارٽي جون عورت ميمبر شاديءَ جون مٺايون پارٽي جي رنگين دٻن ۾ پيڪ ڪري رهيون هيون، جيڪي پوءِ عوامي هجوم ۾ ورهايون ويون۔ صرف هڪ ڪلاڪ اندر 40 هزار دٻا ورهايا ويا۔
هن تقريب کان پوءِ ايندڙ صبح بينظير ڀٽو عوام جي نالي هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هنن ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ آمريت کان آزاديءَ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ۽ گڏوگڏ اهو پيغام به ڏنو ته سندن مقبوليت گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي۔
بينظير لکن ٿيون: ’يقيناً ضياءَ جي خفيه ادارن جا اهلڪار به لياري جي ان هجوم ۾ موجود هئا، انهيءَ اميد سان ته هو ضياءَ کي اها خبر ڏئي سگهن ته منهنجي شادي منهنجي عوامي حمايت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي۔ پر اقتدار جي ايوانن جون اهي اميدون مٽيءَ ۾ ملي ويون۔‘
’واپسيءَ تي جڏهن اسين 70 ڪلفٽن ۾ دير سان رات جي ماني لاءِ گڏ ٿياسين، ته منهنجي ننڍپڻ جي دوست سميه وحيد کلندي منهنجن مٽن مائٽن کي چيو: “هاڻي ضياءَ تيسين چونڊون نه ڪرائيندو، جيستائين بينظير ماءُ نه بڻجي”۔ اسان کي ان وقت خبر نه هئي ته مذاق ۾ چيل اها ڳالهه مستقبل جي حقيقت بڻجي ويندي۔‘
ان محفل کان پوءِ 70 ڪلفٽن مان بينظير ڀٽو جي باقاعده رخصتي ٿي۔ 20 سيپٽمبر تي آصف زرداري طرفان وليمي جو اهتمام ڪيو ويو، ۽ 16 نومبر 1988ع تي بينظير ڀٽو پاڪستان جي وزيراعظم بڻجي وئي.
آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو: پهرين ملاقات
ڇا اوهان کي خبر آهي ته بينظير سان شاديءَ جو خيال آصف زرداري جي دل ۾ سڀ کان پهرين ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ آيو؟
بينظير ڀٽو جي ويجهي دوست وڪٽوريا اسڪوفيلڊ پنهنجي ڪتاب ’دي فريگرينس آف ٽيئرز: مائي فرينڊشپ وِد بينظير ڀٽو‘ ۾ هن رشتي جي شروعات ۽ آصف علي زرداري جي جذبن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي۔
هوءَ لکي ٿي: ’آصف علي زرداري پهريون ڀيرو بينظير کي ڪراچي جي مشهور بيمبنو سينيما ۾ ڏٺو هو، جيڪا زرداري خاندان جي ملڪيت هئي. ان وقت ٻنهي جي عمر لڳ ڀڳ 15 سال هئي۔ بينظير ڀٽو اتي فلم Mayerling جي نجي نمائش ڏسڻ آئي هئي۔‘
’ان فلم ۾ عمر شريف ۽ ڪيٿرين ڊينيو ڪم ڪيو هو۔ بينظير جي ان پهرين جهاتيءَ آصف تي ايترو اثر ڇڏيو، جو هن بعد ۾ پنهنجي والد حاڪم علي زرداري کي چيو ته هو بينظير سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو۔ جيتوڻيڪ ان وقت اها ڳالهه هڪ نوجوان جي خواهش لڳي ٿي، پر ڪيترن سالن بعد جڏهن 1987ع ۾ ٻنهي خاندانن وچ ۾ رشتي جي ڳالهه نڪتي، ته آصف علي زرداري بنا دير رضامندي ظاهر ڪئي۔‘
ونڊسر پارڪ، ماکيءَ جي مک ۽ بينظير جي ’ها‘
27 جولاءِ 1987ع تي باقاعده رشتو موڪلڻ کان پوءِ، آصف زرداري لنڊن ۾ بينظير سان ملاقات لاءِ موجود هئا۔ ان وقت بينظير ڀٽو جلاوطني کان پوءِ لنڊن ۾ رهي رهيون هيون۔ هوءَ پنهنجي ڀائٽي فاطي (فاطمه ڀٽو) کي وٺي ونڊسر پارڪ ويون۔
ساڳئي ڏينهن آصف زرداري به اتي پولو ميچ ڏسڻ آيو هو۔ ونڊسر پارڪ ۾ هڪ ماکيءَ جي مک بينظير جي هٿ تي ڏنگ هنيو، جنهن سبب ايندڙ صبح تائين هٿ تمام گهڻو سُڄيل هو۔
بينظير لکن ٿيون ته ان ڏينهن آصف زرداري سندس ڀيڻ صنم ڀٽو جي فليٽ تي آيا هئا، ۽ هٿ ڏسي زبردستي کيس ڊاڪٽر وٽ وٺي ويا۔ واپسيءَ تي ٻنهي ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ رات جي ماني کائڻ جو فيصلو ڪيو، پر رستو ڀٽڪي ويا۔
بينظير لکن ٿيون ته ان دوران هوءَ آصف جي رويي کي غور سان ڏسندي رهي۔ رستو ڀٽڪڻ باوجود آصف چڙچڙاپو نه ڏيکاريو، پر سڀني کي کلائيندو رهيو۔ بينظير کي آصف زرداري جي مزاحيه طبيعت ۽ پراعتماد شخصيت وڻي۔
اڳلي صبح جڏهن سندس والده، بيگم نصرت ڀٽو، هن کان حتمي جواب پڇيو، ته بينظير هن رشتي لاءِ ’ها‘ ڪري ڇڏي۔
وڪٽوريا اسڪوفيلڊ لکي ٿي: ’29 جولاءِ 1987ع جي رات، ميگي جونز ريسٽورنٽ ۾ ڊنر کان پوءِ، جڏهن مان بينظير کي گهر ڇڏڻ وڃي رهي هيس، ته هن مڙي مون کي چيو: “اخبارن ۾ اچڻ کان اڳ مان چاهيان ٿي ته تون اها ڳالهه ڄاڻين… مون شاديءَ لاءِ ها ڪري ڇڏي آهي”۔ اهو ٻڌي خوشيءَ مان منهنجو ساهه جهٽڪو کائي ويو۔ مون چيو: “اوہ، هي ته تمام شاندار خبر آهي”۔ بينظير مسڪرائيندي چيو: “حيران نه ٿي، پر هي هڪ ارينجڊ ميريج آهي۔” (نوٽ :هي اسٽوري بي بي سي تي شايع ٿي جيڪا اسين سندن ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيس ڪريون ٿا)

پهنجو تبصرو موڪليو