بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت آيل پيسن مان ڪٽوتي،عورتن جو احتجاج

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت آيل پيسن مان ڪٽوتي،عورتن جو احتجاج

دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت برسات متاثرن لاء آيل 25 ھزار روپين جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ خلاف سوين متاثر عورتن ۽ سنڌ سھائتا ويلفيئير ايسوسيشن پاران سينٽر ٻاھران احتجاجي ڌرڻو، جڏھن تہ بينظير انڪم سپورٽ جي ڪمپلين مانيٽر آفيسر پاران پرائمري اسڪول دڙو ۾ قائم ڪيل سينٽر تي ايجنٽن پاران رکيل 8 ڊوائيس مشينون رقم جاري ڪرڻ کان اڳ بند ڪرائي ڇڏيون، ان موقعي تي سينٽر تي مقرر ڪيل ڪمپلين مانيٽر آفيسر ارباب شيراز اڪرم ميمڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ڪنھن ڊوائيس ايجنٽ کي 25 ھزار روپين مان ھڪ روپيو بہ ڪٽوتي ڪرڻ جي اجازت نہ ڏينداسين. پروگرام کي ڊائريڪٽر کي چئي عارضي طور تي سينٽر کي بند ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن متاثر عورتن سنڌ سھائتا ويلفيئيرايسوسيشن جي اڳواڻن اختر ڪڇي، منور ميمڻ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ دڙو سينٽر تي في مستق عورت جي رقم تان مبينا طور 15 سوُ 2 ھزار روپين جي ڪٽوتي ڪئي پي وئي، جنھن کي روڪيو ويو آھي، ھنن چيو تہ برسات متاثرين جي آيل رقم مان ڪٽوتي کي قطعي برداشت نہ ڪنداسين، جلد کان جلد دڙو سينٽر چالو ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو