بينظير انڪم جي پئسن ۾ لکن جو فراڊ، عورتون پريشان

قاضي احمد/ دريا خان مري (ن س) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيٺ فنگر پرنٽ وسيلي في عورت کي 5000 روپيا ورهائڻ ۾ لکين روپين جو فراڊ، ايجنٽن ۽ عملي جي ملي ڀڳت، عملو دروازا بند ڪري اندر ويهي رهيو، سوين ڳورهاريون، ٻڍڙيون، اپاهج ۽ مجبور عورتون اس ۾ پريشان، تنگ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب هفتو اڳ قاضي احمد ۾ سينٽر کوليو ويو جتي صرف ٻه ڏينهن پئسا ورهايا ويا ۽ بعد ۾ چيو ته ڳوٺ ڳوٺ وڃي عورتن ۾ پئسا ورهائينداسين جيئن عورتن کي تڪليف نه ٿئي. عملي ڪجهه ڳوٺن ۾ فنگر پرنٽس وٺي عورتن کي پرچيون ڏنيون ۽ چيو ته پئسا بعد ۾ ڏنا ويندا. پرچين تي لکيل آهي ته هنن پئسا وصول ڪيا آهن. جڏهن احتجاج ٿيو ته ڊگري ڪالج ۾ پئسا ورهائڻ جو اعلان ڪيائون، جتي وڏي تعداد ۾ عورتون آيون ته عملو ڪمرن جا در بند ڪري ويهي رهيو ۽ مسڪين عورتون پريشان آهن. عملي وارن جو چوڻ آهي ته عورتون قطار ۾ نٿيون بيهن بدنظمي جي ڪري مسئلا ٿين ٿا. عورتن ميڊيا ذريعي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته عيد اچڻ واري آهي ۽ اڃا کين امداد ناهي ملي. هنن چيو ته ايجنٽن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

هوڏانهن دريا خان مري مان ارباب مري موجب حبيب بئنڪ ذريعي مستحق عورتن کي ملندڙ پئسن مان بئنڪ جا ايجنٽ 300 کان 400 روپيا ڪٽوتي ڪن ٿا. جنهن خلاف عورتن احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن صحافين کي ٻڌايو ته شھزاد ڪمنيوڪيشن ۽ ماشاالله موبائل ڪمنيوڪيشن جا مالڪ ۽ حبيب بئنڪ جا ايجنٽ ناجائز ڪٽوتيون ڪري پورو حق نٿا ڏين. هنن چيو ته مشين تـي فنگر پرنٽ ھڻائي پيسن بدارن پرچيون ڏنيون پيو وڃن قسط جي پيسن لاء 2 کان 3 ڏينھن تائين ذليل ڪيو پيو وڃي. ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کان مطالبو ڪيو ته ايجنٽن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي پورا پيسا ڏياريا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو