بيبي مري منهنجي پٽ سان محبت ڪندي هئي: رمضان مري

ميرپور خاص (ن س) پ پ چمبڙ جي اڳواڻ رمضان مري بيبي مري جي والد جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته بيبي مري سندس پُٽ سان محبت ڪندي هئي ۽ جُمن مري سوڌو بيبي مري جا وارث اُن کي پسند نه ڪندا هئا. ميرپور خاص ۾ پ پ اڳواڻ رمضان مري پريس ڪانفرنس ڪندي الزامن کي رد ڪيو ۽ چيوته بيبي مري هڪ سال کان سندس پُٽ حسين مري سان موبائيل فون تي رابطي ۾ هئي پر جُمن مري کي سندس پُٽ ۽ بيبي مري وچ ۾ محبت پسند نه هئي. هُن چيو ته سندس پُٽ بيبي مري سان محبت ضرور ڪندو هو پر هو قتل ۾ ملوث نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته بيبي مري جي معاملي نئين رُخ اختيار ڪيو ته ڪيس جو رُخ موڙڻ لاءِ مولا بخش مري کان بيان ڏياريو ويو آهي. ياد رهي ته بيبي مري جي والد مولا بخش مري گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ الزام هنيو هو ته سندس ڌيءُ جي قتل ۾ پ پ چمبڙ جو صدر رمضان مري، سندس پُٽ حسين ۽ ٻيا ملوث آهن. ويڊيو ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته رمضان مري وارا کين ڌمڪي ڏئي رهيا آهن ته معاملي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته مقتول ڇوڪري جي وڊيو وائرل ڪندا ۽ بيبي مري جي ٻين ڀيڻين کي به قتل ڪري ڇڏيندا. رمضان مري دعويٰ ڪئي ته اهڙي وڊيو کانپوءِ مولا بخش وارن ڪيس کي خراب ڪرڻ لاءِ نئون ڊرامو ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪرائي وڃي، کيس ۽ سندس پُٽن کي جتي به گهرايو ويندو، هو پيش ٿيندا ۽ جواب ڏيندا. هن چيو ته بيبي مري سندس پُٽ حسين کي موبائيل تي ميسيج ڪندي هئي ته سندس وارث راضي ناهن ۽ کيس اُنهن مان خطرو آهي. ٻئي پاسي ميرپور خاص جي سول سوسائٽي ۽ وڪيل برادري پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي عدالتي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ميرپور خاص پوليس بيبي مري معاملي ۾ اصل جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. گڏوگڏ معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ميڊيا ۽ وڪيل برادري ۾ جهيڙو ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو