بونا راسٽ ذريعي پاڪستانين کي ڊجيٽل پيمينٽ جي سهولت ملندي

بونا راسٽ ذريعي پاڪستانين کي ڊجيٽل پيمينٽ جي سهولت ملندي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ڪراس بارڊر مني ٽرانفر سسٽم ”بونا راست “ کي رابطا وڌائڻ جو اهم منصوبو قرار ڏنو آهي.اسلام آباد ۾ بونا راست منصوبي تي عملدرآمد جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بونا راست پاڪستان ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ هڪ وڏو قدم آهي، بونا راست رابطا هڪ اهم منصوبو آهي جنهن سان پاڪستاني شهري عرب ملڪن مان ڊجيٽل پيمينٽ ڪري سگهندا. هن چيو ته بونا ريسٽ پاڪستان جو پهريون ڪراس بارڊر مني ٽرانسفر سسٽم آهي، ان منصوبي مان اوورسيز پاڪستانين کي فائدو ٿيندو ۽ منصوبي سان ريفرل ۽ هينڊلينڊ جي خاتمي ۾ مدد ملندي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل سسٽم راسٽ کي عرب مانيٽري فنڊ تحت بونا سان ڳنڍيو پيو وڃي، منصوبو رقم جي ڊجيٽل منتقلي لاءِ پاڪستان جو انفراسٽرڪچر مضبوط ڪندو، بونا راسٽ منصوبو ترسيل ۾ واڌ جو سبب به بڻجندو.هن چيو ته ان منصوبي سان سمورا پاڪستاني شفاف ۽ موثر انداز ۾، محفوظ ۽ آساني سان فنڊز جي منتقلي ڪري سگهندا ۽ ان منصوبي سان فنڊن جي منتقلي لاءِ غير روايتي چينل ختم ٿي ويندا.شهباز شريف چيو ته ايف بي آر وڏن سڌارن مان گذري رهيو آهي، ميلنڊا فائونڊيشن ۽ ميڪنزي ايف بي آر ۾ سڌارن لاءِ تعاون ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو