غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ڳوٺ زنگي بهلڪاڻي ۾ بهلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، لٺيو ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب صدام حسين ۽ عورت سوڍي خاتون بھلڪاڻي سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي شهر جي سرڪاري اسپتال طبي علاج لاءِ پوليس موبائيل ذريعي کڻائي آندو جتي زخمين کي ابتدائي طبي علاج ڏنو پيو وڃي.

يادرھي ته هڪ ڏينهن اڳ به ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا چار ڄڻا زخمي ٿيا هئا مجموعي طور تي ٻنهي ڌرين جا هڪ عورت سميت ڇھ ڄڻا زخمي ٿيا آهن ۽ هن محل تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي آھي. پوليس موجب ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن ۽ ٻنهي ڌرين جو زمين جي دنگ تان جهيڙو ٿيو آهي ٻنهي ڌرين جي فرياد تي اين سي جمال پوليس ٿاڻي تي داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آڻينداسين.










