بنگل مهر خصوصي معاون مقرر، ٻن ٻين معاونن جا کاتا تبديل

ڪراچي(شهزادو مستوئي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بنگل مهر کي خصوصي معاون مقرر ڪندي ٽن معاونن جي کاتن م ردو بدل ڪري ڇڏي آهي. کٽومل جيوڻ ۽ ويرجي ڪولهي اڳ ۾ ئي خصوصي معاون هئا. بنگل مهر کي جنگلي جيوت ۽ رانديون، کٽو مل کي بيورو آف سپلائي انيڊ پرائسز جڏهن تي ويرجي ڪولهي کي انساني حقن جو شعبو ڏنو ويو آهي. بنگل مهر تازو گهوٽڪي جي قومي اسمبلي جي چونڊ کٽندڙ سردار محمد بخش مهر جو ننڍو ڀاءُ آهي. وڏي وزير جي معاونن جو تعداد 10 ٿي ويو آهي. نوٽفڪيشن قائم مقام چيف سيڪريٽري محمد وسيم جي صحيح سان جاري ڪيو ويو آهي. سيد ممتاز شاهه موڪل تي ويل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو