چٽگانگ (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ۾ ڪنٽينر ڊپو ۾ باهه لڳڻ سبب 34 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن. واقعو چٽگانگ کان 25 ميل پري سيتا ڪانڊا واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي 4 جون جي رات هڪ شپنگ ڪنٽينر ڊپو ۾ باهه لڳي وئي.اي ايف پي سان ڳالهائيندي فائر برگيڊ اهلڪارن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ موجود ڪيترن ئي ڪنٽينرن ۾ ڪيميڪل موجود هو جيڪو مسلسل ڌماڪو ڪري رهيو هو، جنهن سبب هن وقت تائين باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.گهٽ ۾ گهٽ 34 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن باهه ۾، انهن مان ڪجهه نازڪ حالت ۾آهن هڪ فائر فائٽر صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه لاش اڃا تائين متاثر ٿيل علائقي ۾ آهن. چٽگانگ پوليس چيف انور حسين چيو ته زخمين ۾ 40 فائر فائٽر ۽ 10 پوليس اهلڪار شامل آهن. هن چيو ته باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪندي گهٽ ۾ گهٽ پنج فائر فائٽر فوت ٿي ويا آهن، هن چيو ته مرڻ وارن جو انگ وڌي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ آهي. فائر برگيڊ عملدارن موجب ڪنٽينر ۾ هائڊروجن پر آڪسائيڊ نالي ڪيميڪل هو ۽ ان ڪيميڪل سبب هن وقت تائين باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. چٽگانگ ضلعي جي انتظامي سربراهه مومن الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت متاثر علائقي ۾ 200 فوجين کي مقرر ڪيو آهي ته جيئن ڪيميائي مادن کي سمنڊ تائين پهچڻ کان روڪي سگهجي.هن چيو ته باهه تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي پر اڃا تائين ڪيترن ئي هنڌن تي باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.










