ميرپور(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 104 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي۔
268 رنسن جي هدف جي پٺيان پاڪستاني ٽيم کي ٻئي اننگ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو۔
قومي ٽيم 163 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، بنگلاديش خلاف پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 3 رنسن تي ڪري، جڏهن ته پاڪستان کي ٻيو نقصان اذان اويس جي صورت ۾ ٿيو، جيڪو 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔
بعد ۾ شان مسعود 2، عبدالله فضل 66، سلمان آغا 26، سعود شڪيل 15، حسان خان 12، حسن علي هڪ ۽ نعمان علي 4 رنسون ٺاهي پويلين واپس موٽي ويا۔
ميرپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش راند جي پنجين ڏينهن پنهنجي ٻي اننگز 240 رنسون 9 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي۔
بنگلاديش جي ٻي اننگز ۾ ڪپتان نجم الحسن شانتو 87 ۽ مومن الحق 56 رنسون ٺاهي نمايان رهيا۔
پاڪستان طرفان حسن علي ۽ نعمان علي 3، 3، شاهين آفريدي 2 ۽ محمد عباس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي۔
نعمان علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون 100 وڪيٽون به مڪمل ڪيون۔
واضح رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي۔
بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 413 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 386 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي۔










