پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست

پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست

ڍاڪا: (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش 3 ميچن جي هڪ ڏينهن واري انٽرنيشنل سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بنگلاديش 15 هين اوور ۾ صرف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 115 رنسن جو آسان هدف حاصل ڪري ورتو.پاڪستان پهرين ون ڊي ۾ 114 رنسن تي ڍير ٿي ويو، جنهن سان بنگلاديش کي فتح لاءِ 115 رنسن جو هدف ڏنو ويو.بنگلاديش ٽاس کٽي پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ميرپور ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ۾ فهيم اشرف پاڪستان لاءِ اسٽار هو، جنهن 37 رنسن جو ٽاپ اسڪور ڪيو، جنهن ۾ 1 ڇڪو ۽ 6 چوڪا شامل هئا.پاڪستاني اوپنر صاحبزاده فرحان 27 ۽ معاذ صداقت 18 رنسون ٺاهيون.ڊيبيو ڪندڙ شميل حسين 4، محمد رضوان 10 ۽ سلمان علي آغا 5 رنسون ٺاهيون.حسين طلعت ۽ ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 4-4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڊيبيو ڪندڙ عبدالصمد ۽ فاسٽ بالر محمد وسيم هڪ به رن ٺاهڻ کانسواءِ آئوٽ ٿيا.بنگلاديش جي ناهيد رانا پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي بهترين بالنگ فگرز ۾ 24 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مهدي حسن ميراز 29 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو