بنگلاديشي ٽيم ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ لاءِ بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي آهي. بنگلاديشي ٽيم اسلام آباد جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتي جتي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميا مهمان رانديگرن ۽ اسٽاف جو شاندار استقبال ڪيو جنهن کان پوءِ بنگلاديشي ٽيم هوٽل لاءِ رواني ٿي وئي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپئن شپ جو پهريون ميچ 7 فيبروري کان روالپنڊي جي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو