بنگلاديشي عدالت پاران اڳوڻي چيف جسٽس کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

بنگلاديشي عدالت پاران اڳوڻي چيف جسٽس کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي عدالت اڳوڻي چيف جسٽس سريندر ڪمار سنها سميت ٻين ماڻهن کي لکين ڊالرن جي ڪرپشن الزام ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. رپورٽ مطابق اسغاثه خورشيد عالم جو چوڻ هو ته اهي سڀئي ماڻهو مفرور هيا سريندر ڪمار سنها تي ڪرپشن ۽ هڪ بينڪ اڪائونٽ کان ٻئي اڪائونٽ ۾ لانڊرنگ جا الزام هيا. ڍاڪا جي عدالت سينئر اسپيشل جج ڪي ايم امرول ڪايس چارج شيٽ ۾ ان جي مفرور هجڻ تي سڀني ملزمن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته 11 جنوري تائين گرفتاري تي عمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. 10 ڊسمبر تي اينٽي ڪرپشن ڪميشن 11 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. ٻين جوابدارن ۾ فارمرز بينڪ جو اڳوڻو مينيجنگ ڊائريڪٽر اي ڪي ايم شميم، سينيئر ايگزيڪٽو نائب صدر ۽ ڪريڊٽ ڊويزن جو اڳوڻو سربراهه غازي صلاح الدين، پهريون نائب صدر ڪريڊٽ ڊويزن سواپن ڪمار راءِ، پهريون نائب صدر شفيع الدين عسڪري، بينڪ جي آڊٽ ڪميٽي جو اڳوڻو چيئرمين محب الحق چشتي ۽ نائب صدر لطف الحق شامل آهن جنهن کان پوءِ فارمرز بينڪ جو نالو تبديل ڪري پدما بينڪ رکيو ويو هو. اي سي سي گذريل سال آڪٽومبر ۾ ٻڌايو هو ته 2 واپارين شاهه جهان ۽ نرينجان جي فراڊ ۾ ملوث هجڻ جون شاهديون مليون آهن. هن جو چوڻ هو ته رقم جسٽس سريندر ڪمار سنها جي اڪائونٽ ۾ وڌي وئي. جسٽس ڪمار سنها سپريم ڪورٽ جي عدليه جي خودمختياري جي حوالي سان ڏيندڙ فيصلي جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو جيڪو حڪومت خلاف هيو پر هو 2017 جي آخر ۾ هن جبري طور استعيفيٰ وٺڻ جا الزام لڳائيندي بنگلاديش ڇڏي ٻاهرين ملڪ هليو ويو هو. اپوزيشن جماعتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ هو ته نريندر ڪمار سنها هڪ هندو هيو ۽ مسلمان اڪثريت ملڪ ۾ ان جي عدالتي نظام هلائڻ تي اعتراض واريا ويندا هئا. 68 سالا نريندر ڪمار سنها اتر آمريڪا ۾ قيام پذير آهي ۽ هو هندو مذهب سان تعلق رکندڙ پهريون چيف جسٽس آهي جنهن 16 ڪروڙ جي آبادي رکندڙ ملڪ ۾ چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. ان جي روانگي ان وقت سامهون آئي جڏهن سپريم ڪورٽ طرفان آڪٽومبر 2017 ۾ بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ چيو ويو ته ٻين ججن جسٽس نريندر ڪمار سنها تي ڪرپشن جو الزام لڳايو هو جنهن ۽ ان سان گڏ هنن بينچ سان گڏ ويهڻ کان انڪار ڪيو هو. ڪجهه مهينن بعد جسٽس نريندر ڪمار سنها سپريم ڪورٽ جي قيادت ۾ فيصلو ٻڌايو جنهن تحت پارليامينٽ کان اعليٰ ججن کي برطرف ڪرڻ جو اختيار واپس ورتو ويو. ان فيصلي سان وزيراعظم شيخ حسينه واجد طرفان متعارف ڪريل آئيني ترميم جو خاتمو ٿي ويو. ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان اڳ تحريري بيان ۾ هن حڪومت طرفان فيصلي تي تنقيد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي عدليه جي خودمختياري تي افسوس آهي. جنهن کان پوءِ هن هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن الزام لڳايو ته ان کان جبري طور استعيفيٰ ورتي وئي هئي ۽ ملڪ ڇڏڻ جو چيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو