ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف پاران سنڌ ۾ تعليمي پاليسي ۽ استادن جي ڀرتي تي سخت تحفظات ظاهر ڪندي پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻن سنڌ ۾ 12 هزار بند پيل اسڪولن کي کولڻ، 60 لک کان مٿي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي مستقبل لاء هنگامي بنيادن تي هڪ ئي مرحلي ۾ استاد ڀرتي ڪرڻ ۽ ناقص تعليمي پاليسي کي سڌارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اھڙو مطالبو پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي مرڪزي صدر انتظار حسين ڇلگري پ ٽ الف جي ٻين اڳواڻن سڪندر ميرجت، ارشاد شاھ، خير محمد بروھي، غلام مصطفي بروھي، محمد علي شر سان گڏ ڇتوچنڊ ۾ شھيد استاد قربان علي بروھي جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان عذرخواھي بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھنن سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ استادن جي کوٽ، اسڪولن جي تالابندي ۽ 35 هزر اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻهوند تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته سنڌ کي هڪ ڪُل وقتي تعليمي وزير جي ضرورت آهي ۽ سنڌ ۾ عالمي قوتن جي ايجنڊا تي هلڻ بدران سنڌ جي بنيادي تعليم تي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته تازو سنڌ ڪابينا پاران ٽن مرحلن ۾ استادن جي ڀرتي جي منظوري واري فيصلي ۽ هزارين اسڪولن جي تالابندي تي سخت تحفظات آهن، استادن جي ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي کي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ 3 سالن تائين ڪارڪردگي ظاهر ڪندڙ استادن کي مستقل ڪرڻ گهرجي، انتظار حسين ڇلگري چيو ته ٺٽي ۾ يوم ڪشمير واري ڏهاڙي تي فوت ٿي ويل استاد قربان بروهي جي موت کي قتل سمجهون ٿا، ان جي ذميوار ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور هٽايو وڃي. بروقت طبي امداد نه ڏيڻ ۽ لاپرواهي سبب استاد قربان بروهي جو موت ٿيو پر سندس تڏي تي ڪوبه ڪامورو لنگهي نه آهيو، هنگامي بنيادن تي سندس وارثن کي جائز مراعتون ڏياريون وڃن. ھن چيو ته ڇتوچنڊ جي پرائمري اسڪول کي شهيد قربان بروهي جي نالي سان منسوب ڪرڻ ۽ کيس مراعتون ڏيارڻ لاء پ ٽ الف پاران ڀرپور ڪوششون وٺڻ جو اعلان ڪريون ٿا.










