ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسي ايشن آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري ظفر پراچا جو چوڻ آهي ته بندرگاهه تي 4 ارب ڊالرن جا ڪنٽينر بيٺل آهن، انهن کي ڪليئر ڪيو وڃي.لاهور ۾ فارن ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ظفر پراچا چيو ته جڏهن مارڪيٽ ۾ ڊالر 310 رپين ۾ وڪرو ٿيندو ته انٽر بئنڪ ۾ ڪير ايندو؟ ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر علاؤ الدين شيخ، ملڪ بوستان ۽ ٻين ڊالر جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.علاءُ الدين شيخ چيو ته ايڪسچينج ڪمپنين ذريعي ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ادائيگيون ڪيون پيون وڃن، سياحت تي ويندڙن کي انٽر بئنڪ کان سستا ڊالر نه ڏنا وڃن.هن چيو ته ڊالر ايمنسٽي آڻيو، فوري طور تي 5 کان 10 ارب ڊالر مارڪيٽ ۾ آڻي سگهن ٿا، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار اسان سان گڏ ويهي پاليسي ٺاهي.فارن ايڪسچينج ڪمپني جي صدر علاءُ الدين جو چوڻ آهي ته حڪومت جي غلط فيصلن هنڊي پاشا جي حوصلا افزائي ڪئي آهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ملڪ بوستان چيو ته هن وقت به افغانستان ۾ ڊالرن جي اسمگلنگ ٿي رهي آهي.هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فارن ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن جي تجويزن تي فوري طور تي عمل ڪيو وڃي.










