بنا مقابلي چونڊجندڙ اسپيڪرن جي تاريخ ۾ راجا پرويز اشرف به شامل

بنا مقابلي چونڊجندڙ اسپيڪرن جي تاريخ ۾ راجا پرويز اشرف به شامل

اسلام آباد: (بيورو) راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ 12هون اسپيڪر آهي. پارليامينٽ جي تاريخ ان حوالي سان دلچسپ حوالن سان ڀريل آهي. ذوالفقار علي ڀٽو کان اڳ پاڪستان جا سمورا اسپيڪر بنا مقابلي چونڊيا ويا هئا. 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي قائداعظم کي بنا مقابلي صدر چونڊ ڪيو. 14 آگسٽ 1948ع تي قائداعظم کان پوءِ مولوي تميزالدين آئين ساز اسيمبلي جو بنا مقابلي صدر چونڊجيو. 12 آگسٽ 1955ع تي عبدالوهاب خان بنا مقابلي اسپيڪر بڻيو. 12 جون 1962ع تي مولوي تميزالدين هڪ دفعو ٻيهر قومي اسيمبلي جو بنا مقابلي اسپيڪر بڻيو. 29 نومبر 1963ع تي فضل القادر چوڌري کي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊ ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ عبدالجبار خان متحده پاڪستان جو آخري بنا مقابلي اسپيڪر چونڊجيو هو. ذوالفقار علي ڀٽو 14 اپريل 1972ع تي قومي اسيمبلي جو صدر بڻيو. ان جو مقابلو سردار شير باز مزاري ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ فضل الاهي چوڌري 15 آگسٽ 1972ع تي صاحبزاده فاروق علي 9 آگسٽ 1973ع تي ملڪ معراج خالد 17 مارچ 1977ع تي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊجيو. مولابخش سومرو به 16 ڊسمبر 1997ع تي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊجيو.

پهنجو تبصرو موڪليو