بلڙي شاهه ڪريم: (ن س) بلڙي شاهه ڪريم لڳ ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل شخص جو واهه مان لاش هٿ آيو آهي. بلڙي شاهه ڪريم ٿاڻي جي حد ڳوٺ عالي جھرڪ مان ڪجھ ڏينھن اڳ اغوا ڄاڻايل شخص 28 ورهين جي نوجوان اميد علي جھرڪو ولد وڪيو جھرڪو جو نئين پنڃاري واهه مان لاش ھٿ آهي. اهڙي اطلاع تي بلڙي شاهه ڪريم پوليس پھچي لاش ڪڍرائي سول اسپتال ٽنڊو محمد خان منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي وارثن ڪجھ ڏينھن اڳ سندس گم ٿيڻ جي اين سي داخل ڪرائي ھئي اڄ ان جو لاش مليو آهي قاتل جي ڳولا جاري آهي، جلد قاتل پوليس جي گرفت ۾ اچي ويندو. پوليس پاران انڪوائري جاري آهي.ھوڏانھن ذريعن کان اطلاع مليا آهن ته نوجوان جو قاتل به ظاھر ٿي ويو آهي جنھن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جڏھن ته نوجوان جي قتل جو ڪارڻ اڃان معلوم نه ٿي سگھيو آهي.ٻئي پاسي لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جولاش گھرپھچڻ تي قھرام متل آھي.
مشهور خبرون










