اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچ ثقافت جي ڏهاڙي تي بلوچ ڀينرن ۽ ڀائرن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بلوچ قوم هڪ عظيم قوم آهي جيڪا بهترين تاريخ رکي ٿي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته بلوچ ثقافت امن محبت روايتن ۽ ٻڌي جي ثقافت آهي هن ڏينهن کي بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ شان شوڪت سان ملهايو وڃي ٿوس ڄي ملڪ ۾ هر سال وانگر بلوچ ثقافتي ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي ۽ بلوچ نوجوان ٻار پوڙها پنهنجي ثقافتي لباس بلوچي ثقافتي دستار پهري پنهنجي ثقافت سان محبت ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪن ٿا محمد صادق سنجراڻي چيو ته هن ڏينهن مصنف، دانشور بلوچ قوم جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين نسل کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان روشناس ڪرائين ٿا بلوچ قوم هڪ عظيم قوم آهي جيڪا بهترين تاريخ رکي ٿي هن وڌيڪ چيو ته هي اسان جي پهرين ذميواري آهي ته اسان پنهنجي ثقافت کي زنده رکون ۽ نوجوان نسل کي علم ۽ شعور ڏانهن آڻيون هن چيو ته 2 مارچ بلوچ ڪلچر ڊي ملهائڻ جو مقصد اهو ئي اهي ته هڪ پيغام ڏيون ته بلوچ قوم منظم باشعور ۽ پرامن آهن.










