ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان پوليس جديد پوليسنگ ڏانهن اهم اڳڀرائي ڪندي پاڪستان جو پهريون اينٽي رائيٽ وومين يونٽ قائم ڪري ڇڏيو.ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس ايڊمنسٽريشن بلوچستان غلام اظفر مهيسر موجب ليڊيز ڪانسٽيبلز تي ٻڌل اينٽي رائيٽ وومين ونگ ۾ 40 تربيت يافته عورت ڪيڊٽس کي شامل ڪيو ويو آهي.هن ٻڌايو ته کين گوڙ گهمسان، بدامني دوران حالتن ۽ شرپسندن کي منهن ڏيڻ جي خاص تربيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته عورت اهلڪارن کي اينٽي رائيٽ سامان ۽ اوزارن سان به ليس ڪيو ويو آهي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اهڙي خاص يونٽ جو اڳ ڪو مثال موجود ناهي، ڪراچي، لاهور ۽ پشاور پوليس ۾ به اهڙو يونٽ قائم ناهي ٿيو، وومين اينٽي رائيٽ ونگ قائم ڪرڻ جديد دور جي عسڪري گهرجن مان هڪ آهي.بلوچستان پوليس جي ترجمان موجب اهو يونٽ شروعاتي طور تي ڪوئيٽا پوليس ۾ قائم ڪيو ويو آهي، پوءِ ان جو دائرو ڊويزن ۽ پوءِ صوبي جي هر ضلعي جي سطح تي آندو ويندو.










