ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جي ڪا به ضرورت ناهي.ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته ڪوڙي پروپيگنڊا ذريعي معصوم ماڻهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي ۽ نوجوانن کي رياست آڏو بيهاريو پيو وڃي.هن چيو ته اسان بلوچ ڇوڪرين لاءِ اعليٰ تعليم جو بندوبست ڪري رهيا آهيون، توهان انهن ڇوڪرين کي وٺي وڃي جنگ جي باهه ۾ ڌڪي رهيا آهيو، اهي ڪيئن ماڻهن کي قتل ڪري بلوچستان جي خدمت ڪري رهيا آهن.سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته پنجگور ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، ڪوئيٽا ۾ هڪ بيگناهه حجام کي قتل ڪيو ويو.بلوچستان جي وڏي وزير اهو به چيو ته ڌيءَ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جنهن محسوس ڪيو ته هوءَ غلط رستي تي هلي رهي آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته والدين جي سڀ کان وڏي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ٻارن تي نظر رکن.










